لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ادب جيڪڏهن سماج حالتن جي عڪاسي نه ٿو ڪري ته اهو ادب سماج جي نمائندگي به نه ڪري سگهندو. شاعري هڪ آبشار وانگر هوندي آهي جنهن ۾ رواني به هوندي آهي ته شفافيت به هوندي آهي. هر دور ۾ شاعريءَ تي تجربا ٿيندا رهندا آهن.هر دور جي شاعريءَ جا فني ۽ فڪري پهلو الڳ الڳ هوندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار اديب ۽ نقاد حمز علي سوهو سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي پندرنهن وار دستوري گڏجاڻيءَ جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻيءَ ۾ سميع ساجد جوڻيجو ”غزل“، مسڪين عيسيٰ ”غزل“، مصور منگي ”غزل“، صديق سومرو ”غزل“ ۽ تشڪيل ميربحر  مقالو ”ذاتواد شادي“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو. گڏجاڻي ۾ عيسيٰ ميمڻ، شيخ فرازي، فراخ جانوري، پروفيسر منير ڊومڪي، نويد ناز ڀٽي، روشن ٽوٽاڻي، علي روشن شيخ، رفيق ابڙو، منظور آزاد شيخ، امتياز عالم عباسي، شوڪت شيخ، عطا حسين چانڊيو، نادر جانوري، رضا ٻرڙو، شاهد بليدي، قاسم شاهاڻي، سميع الله ميمڻ، عمران بروهي شرڪت ڪئي. ڪاروائي نوجوان اديب خليق ميمڻ هلائي. مسڪين عيسيٰ جي ”غزل“ تي ڳالهائيندي اديبن چيو ته هي غزل وزن ۾ پورو آهي پر خيال ۾ انتهائي ڪمزور آهي. عيسيٰ کي اصلاح جي سخت ضرورت آهي. مصور منگي جي ”غزل“ تي راءِ ڏيندي اديبن چيو ته مصور منگيءَ جو غزل جديديت پڄاڻان دور جي هن هڪ بهترين غزل آهي. جنهن ۾ تجريدي خيالن سان گڏ اينٽي ڪلائميڪس خيال به آهن. هي غزل جديد دور جون گهرجون پوريون ڪري ٿو. تشڪيل ميربحر جي مقالي ”ذاتواد شادي“ تي تنقيدي راءِ ڏيندي نقادن چيو ته فني حوالي سان هي مقالو ، مقالي جي اصولن تي پورو نه ٿو لهي. جڏهن ته  تحقيقي حوالي سان پڻ کوٽ جو شڪار آهي. باقي هيءَ لکڻي سنڌ ۾ ذات پات جي بنياد تي ٿيندڙ قبائلي جهيڙن کي وائکو ڪري ٿو. سميع ساجد جوڻيجو جي ”غزل“ تي ڳالهائيندي اديبن چيو ته ”هي غزل سنڌ جي موجوده حالتن جي هوبهو تصوير پيش ڪري ٿو. شاعر، پنهنجي دور جي تاريخ نويس ۽ نبض شناس هوندا آهن. هي غزل موجوده دور جي تاريخ جو اکين ڏٺو عڪس پسائي ٿو.“ صديق سومري جي ”غزل “ اديبن ڳالهائيندي چيو ته صديق سومرو سنڌي شاعريءَ جو برجستو شاعر آهي. هن جو هي ”غزل“ رومانوي توڙي انقلابي خيالن سان ڀرپور آهي. گڏجاڻيءَ جي آخر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي خزانچي غلام نبي ناشاد جي علاج ڪرائڻ لاءِ وس وارن کي اپيل ڪئي وئي. جڏهن ته سنگت جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ جبار ملاح تي ٿيل حملي جي مزمت ڪندي ملوث ڌرين کي گرفتار ڪرڻ جي گُهر ڪئي وئي. قومي شاعر ايوب کوسي جي زمين تي قبضي جي مذمت ڪندي قبضو ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي.