بغداد(شوبز نيوز) مشهور بيوٽي برانڊ “هديٰ بيوٽي” اسرائيل هٿان ظلم جو نشانو بڻجندڙ فلسطينين جي حمايت ڪندي واهپيدارن جون دليون کٽي ورتيون.
عراق ڄائي آمريڪي بيوٽي ميڪ اپ آرٽسٽ هديٰ قطان پنهنجي برانڊ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي تازو هڪ وڊيو پيغام شيئر ڪيو هو، جنهن ۾ هن اسرائيل جي ظلم تي فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو هو. هن ڪيپشن ۾ لکيو ته منهنجي دل فلسطيني عوام سان گڏ آهي، فلسطين ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان بابت ڳالهائڻ لاءِ اسان ذاتي اڪائونٽ huda@ جو استعمال ڪندا رهنداسين.
سندس چوڻ هو مان ڄاڻان ٿي ته ڪجهه ماڻهو معمول موجب پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن پر مون کي ائين ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.