اسلام آباد: سينيٽ جي ناڻي ڪاميٽي ۾ بجيٽ تجويزن تي غور ڪيو ويو، سينيٽر شبلي فراز چيو ته ٽيڪس اختيارين پاڪستان ۾ فائلرز ۽ نان فائلرز جي هڪ نئين ورڇ ڪئي آهي، هر پاڪستاني ٽي وي تي به ٽيڪس ڏئي ٿو ته نان فائلر ڪيئن ٿيو؟ قوم کي ٽيڪس چور ۽ نان فائلر چوندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، هاڻي اهو شرط نه لڳائجو ته فائلر ۽ نان فائلر جي شادي نٿي ٿي سگهي، فائلر ۽ نان فائلرز جو قبرستان الڳ هوندو، اهو شرط نه هڻي ڇڏيو ته نان فائلرز جي شادي نٿي ٿي سگهي،