لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان اسپورٽس بورڊ پاڪستان هاڪي فيڊريشن تي ايڊهاڪ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بورڊ جي ڊي جي آصف زمان چيو ته هاڻ هاڪي فيڊريشن جا روز جا معاملا ايڊهاڪ ڪاميٽي هلائيندي، فيڊريشن جي عهديدارن جو مدو ختم ٿيڻ تي چونڊ نه ڪرائي وئي، ٽيم ڪامن ويلٿ گيمز ۾ حصو وٺندي. 61 ميمبرن کي ايئر ٽڪيٽ ۽ ڊيلي الائونس ڏينداسين. ٻئي طرف هاڪي ٽيم جي ڪوچ جو چوڻ آهي ته ڪامن ويلٿ گيمز ۾ ٽيم مان وڏيون اميدون نه لڳائڻ گهرجن.