هالا(ن پ ا) هالا ۾ معصوم نياڻي ثناء ملڪ سان زيادتي جي ڪيس ۾ گرفتار سندس پيءُ غلام قادر ملڪ ۽ ساڻس گڏ گرفتار ڪيل سندس ٻن ڀائرن رشيد ۽ بهادر ملڪ کي هالا پراڻا پوليس هالا ٽو جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالتي سڳوري زيادتي ڪيس ۾ گرفتار ٽنهي جوابدارن جو ٽن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪندي کين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. جنهن بعد هالا پراڻا پوليس ٽنهي جوابدارن کي ايس ار او لاءِ ايس ايس پي مٽياري آڏو پيش ڪندي کين ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ تعلقي اسپتال هالا آندو. نينگريءَ جي پيءُ جوابدار غلام قادر ملڪ ٽائيم نيوز آڏو پنهنجي ڏوهه جو اقرار ڪندي چيو ته هو نشي جو عادي موالي آهي ۽ هن کان اهو گناهه جو ڪم ٿي ويو آهي جنهن لاءِ هو معافي جو طلبگار آهي، هن چيو ته مٿس هڪ سال مسلسل زيادتي جو ڪوڙو الزام آهي. پر هن کان عظيم گناهه ٿيو آهي جنهن لاءِ هو سزا جي لائق آهي. جڏهن ته ساڻس گڏ گرفتار سندس ٻنهي ڀائرن رشيد ۽ بهادر ملڪ پڻ ٽائيم نيوز آڏو پنهنجي ڏوهه جو اقرار ڪندي چيو ته هنن ثناء سان ڪا به اهڙي غلط حرڪت ناهي ڪئي تنهن هوندي به معصوم ثناء جا گنهگار آهن، جنهن لاءِ هو سندس پوري خاندان سميت پوري برادري کان هٿ ٻڌي معافي وٺڻ لاءِ تيار آهن.ٻئي طرف هالا بار جي ميمبر وڪيل شاهه فهد، شعيب ميمڻ ۽ ٻين معصوم نياڻي ثناء ملڪ سان زيادتي ڪيس ۾ گرفتار ٽنهي جوابدارن جو ڪيس وڙهڻ کان مڪمل بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته وحشي جوابدارن کي ڦاسي تي لٽڪائڻ تائين معصوم نينگري ثناء ملڪ جي مدد ڪئي ويندي.