ھالا (ن پ ا) ھالا جي شيعا امام بارگاھ وٽ 2 نامعلوم موٽرسائيڪل سوار جوابدارن عورت کي ڇُرا ھڻي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويا، زخمي عورت پونا زال امر لال ديوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، عورت جي مڙس امر لال جو چوڻ هو ته آئون ڊيوٽي تي ويل ھئس ته جتان واپس آيس پئي ته گھر جي گھٽي ۾ منھنجي گھرواري پونا زخمي حالت ۾ تڙپي رهي هئي، جنهن کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو آهي، هن مطالبو ڪندي چيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين سزا ڏني وڃي.  پوليس موجب عورت کي جوابدارن پيٽ ۾ ڇرا هنيا آهن، واقعي جا ڪارڻ معمول نه ٿي سگهيا آهن، جاچ ڪئي پئي وڃي.