هالا(ن پ ا) هالا شهر جي طالب المولا ڪالوني ۾ رهندڙ غريب هندو مزدور ڪيلاش لوهاڻون جي گهر کي بجلي جي تارن جي شارٽ سرڪٽ هجڻ سبب گهر جي هڪ ڪمري ۾ پيل گهر جو سمورو لکين روپين جو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو، جڏهن ته ٻئي طرف سروري ڪاٽن فيڪٽري لڳ رهندڙ سيتل ڀاگڙي جي گهر کي اوچتو باهه لڳڻ سبب گهر ۾ پيل اناج سميت گهريلو استعمال ۾ ايندڙ سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. ٻئي طرف شهر ۾ باهه جي واقعن سبب متاٿر ٿيندڙ اصليتي برادري سان تغلق رکندڙ ڪيلاش لوهاڻون ۽ سيتل ڀاگڙي پاران هتان جي چونڊيل نمائندن، ضلعي انتظاميا سميت مقامي بااثر شخصيتن کان سندن مالي مدد ڪندي کين سندن سڙيل گهرن ٻيهر آباد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.