ھالا (ن پ ا) ھالا ڀرسان ڳوٺ قاسم ٻگھيو جي رھواسين زرعي زمين تي قبضي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي، احتجاج ڪندڙ لونگ ٻگھيو،مسمات نصرت،مسمات حاجاڻي ۽ ٻين چيو ته بااثرن ھٿيارن جي زور تي زرعي زمين تي چڙھائي ڪري زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آھي، پوليس دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.