هالا (ن پ ا) هالا لڳ ڳوٺ انڙ خاصخيلي جي رهواسي غلام حسين خاصخيلي جي گهر کي باهه لڳي وئي، نتيجي ۾ گهر ۾ ٻڌل 2 ٻڪريون سڙي مري ويون، جڏهن ته پورهيتن جي گهر ۾ پيل نياڻي جو ڏاج ۽ ٻيو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو، ٻي طرف کليل آسمان هيٺ ويٺل متاثرن وس وارن کان واهر جي اپيل ڪئي آهي.