منھڙو (ن پ ا) منھڙو ڀرسان ديهه آباد ڪھڪاٽ جي رھواسي پورھيو ڪري پيٽ پاليندڙ مزدور محمد مريد چانڊيو جي گھر کي باھ وڪوڙي وئي جنھن جي نتيجي ۾ گھر ۾ پيل اناج ۽ گھرو سامان سڙي رک ٿي ويو پورهيت محمد مريد چانڊيو خدشو ظاھر ڪندي چيو ته منھنجي گھر کي لڳل باهه ڪنھن سازش تحت ڏني وئي آھي ٻئي پاسي باھهه متاثر بي يارو مددگار کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھي ھن سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي.