سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ بئنچ سکر طرفان موٽروي ۾ ايندڙ زمين جي مالڪن طرفان معاوضو نه ملڻ خلاف داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پاران گذريل ٻڌڻيءَ تي زمين جي مالڪن کي معاوضو ادا ڪرڻ واري حڪم تي نيشنل ھاءِ وي اٿارٽيءَ زمين جي مالڪن لاءِ معاوضي وارا چيڪ عدالت ۾ کڻي آئي، جيڪي زمين جي مالڪن کي ڏنا ويا، مليل ڄاڻ موجب 70 ايڪڙ ايراضيءَ جي مالڪن کي معاوضو ادا ڪيو ويو، معاوضي جي ادائگيءَ تي زمين جي مالڪن ۾ خوشِي واري لھر ڇائنجي وئي.