نگران ڪابينا کان وڇڙي ويل وزير

0
379
نگران ڪابينا کان وڇڙي ويل وزير

 نگران سيٽ اپ جون جڏھن ڳالھيون پئي ھليون ته ائين پئي محسوس ٿيو جو ھر گھر مان ڪنھن ھڪ فرد کي ڪابينا ۾ بطور وزير “ڀرتي” ڪيو پيو وڃي پر ھاڻي جڏھن مٿي مرڪز توڙي ھيٺ صوبن ۾ نگران حڪومتي سيٽ اپ جوڙيو پيو وڃي ته وفاقي توڙي صوبائي ڪابينائن مان رھجي ويل مختلف وزارتن لاءِ نامزد ٿيل اميدوار ائين پيا گھمن، ڄڻ ڪو سندن ورتل قلفي کائي ۽ ھٿ ۾ بچيل ڪاٺي پڪڙائي ويو ھجي. ھاڻي ماڻھن کي ان ڳالھ جو فڪر آھي ته خبر ناھي ته ھُو گھڻو عرصو نگران ڪابينا کان وسري ويل وزير جي طور تي مختلف ڪچھرين ۾ پاڻمرادو مور بڻجي پيا حال احوال ڪٽي ماڻھن کي بيزار ڪندا رھندا، پر گھٻرايو نه! وفاقي توڙي صوبائي ڪابينا کان وسري، توڙي وڇڙي ويل وزيرن کي “وبائي” ڪابينا ۾ شامل ڪري کين زبردست آجيان ڪئي پئي وڃي. اُتم کيتي، نيچ نوڪري ۽ وڌندڙ واپار جيان وبائي ڪابينا جو دائرو به روز جي بنياد تي وڌندو رھندو.

                 ڪجھ ڏينھن اڳ منھنجي ھڪ صحافي دوست “ھڻ کڻ” کي نگران ڪابينا ۾ وزير “اطلاعات و اوقاف” طور کڻڻ جا افواھ پئي ھليا. جيڪو بعد ۾ معلوم ٿيو ته ھُن پاڻ پنھنجي اداري جي مالڪن کي “مٿان” فون ڪرائي پنھنجي ئي ٽي وي چينل ۽ اخبارن توڙي سوشل ميڊيا تي پاڻ کي بطور امڪاني وزير طور تي مشھور ڪيو ھو. ھن “مٿان” واري فون جي ھدايتن تي پنھنجي اداري جي مالڪن کي اعتماد ۾ وٺندي نگران ڪابينا جي جوڙجڪ بابت رٿيل مختلف اعلى سطح جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ وڏي گاڏي وٺڻ سان گڏ پنھنجي دفتر جي ڪجھ عملي، چوڪيدارن ۽ پٽيوالن کي ھن جي پروٽوڪول واري ڊيوٽي سان لڳايو ويو ھو. جنهن رات جڏھن ڪابينا جا نالا فائنل ٿيڻا ھئا، ان رات ھِن مونکي فون ڪري چيو ته، “يار جلدي ڊفينس جي سئنيما واري شاپنگ سينٽر تي پھچ، توسان ضروري ڳالھائڻو آھي.” مون به امڪاني وزير سمجھندي تڙ تڪڙ ۾ اچي مقرر ٿيل ھنڌ تي پھچندي “پئٽرول ھو مھانگو پوءِ به تو وٽ اچي پھتو آھيان” جھڙي شاعراڻي انداز ۾ کيس سلام ڪيو. ھن مونکي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪندي چيو ته “يار اڄ رات صوبائي نگران ڪابينا فائنل ٿي رھي آھي، مون کي ته ھن مھل تائين ڪٿان بہ ڪا فون ڪال ناھي آئي. ھاڻي ھمت ڪري ڪٿان معلوم ڪري ڏي ته ڪابينا ۾ منھنجو نالو آھي يا نه؟” مون ساڻس گڏ بيٺل اڌ ڊزن ماڻھن تي نظر ڦيرائي ته اھي ھن کي وزارت ملڻ لاءِ پُر اميد نظر آيا پر ھي پاڻ مطمئن نظر نه آيو. مون کيس صلاح ڏني ته ھنن ماڻھن کي سئنيما ھال ۾ موڪليو ته پوءِ پاڻ نويڪلائي ۾ ڳالھ ٻولهه ڪريون. مون ھن جي سنگت کي جڏھن فلم ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽون وٺي کين سئنيما ھال جو دڳ ڏيکاريو ئي مس ته ھن کي پنھنجي اداري پاران فون آئي ته، “اوھان جو نالو ڪابينا ۾ ناھي، ھاڻي مھرباني ڪري گاڏي، آفيس جي عملي، پٽيوالن ۽ چوڪيدارن جي ترت واپسي سان گڏ اداري پاران اوھان جي مختلف سرگرمين تي خرچ ٿيل 50 لک روپين جي واپسيءَ جو ھڪ ھفتي اندر بندوبست ڪريو.” اداري جي فون آپريٽر کيس وڌيڪ خوفناڪ آگاھي ڏيندي چيو ته، “اھڙي سخت ٻولي ڳالھائڻ جو سبب ھڪ اھو به آھي ته توھان ھاڻي اسانجي اداري جا ملازم ناھيو رھيا…!” ھن پاڻ سان ٿيندڙ اھڙي جُٺ جو روئڻ جھڙو منھن ڪري مختصر طور تي احوال پئي ڏنو ته مان به سچ پچ ۾ ڏکارو ٿي ويس. کيس چيم ته، “يار مان به ھتي تنھنجي چوڻ تي توسان ملڻ لاءِ پنھنجي گاڏي ۾ پنھنجن ئي پئسن سان پنج ليٽر پئٽرول ڀرائي پھتو آھيان، ان کي ڇڏ کڻي پر ھي جو ايتري خلق توسان گڏ آھي، جڏھن فلم ڏسي واپس ايندي ته ان لاءِ ڀت جي ديڳ جو ڪو بندوبست ڪيو اٿئي يا کين ڪنهن درگاھ جو رستو به مونکي ڏيکارڻو پوندو…؟” تنھن تي ھن جي اکين مان ڳوڙھن وھڻ جي رفتار ائين وڌي وئي ڄڻ لياري ايڪسپريس تان اسانجو دوست مظفر ڪولاچي ڪرولا ڪار ھلائي رھيو آھي. آئون کيس ڳوڙھا اگھندي آٿت ڏيندي موڪلائڻ لڳس ته ھن چيو ته يار مونکي نگران وزير نه ٿيڻ جو ڏک ناھي پر يار منھنجي کيسي ۾ ڪرائي جا به پئسا ڪونھن. ھاڻي مھرباني ڪر قيوم آباد چورنگي تي اُڇلائيندو وڃ، باقي اندر سئنيما ۾ خوفناڪ فلم ڏسڻ بعد سنگت پاڻ ئي ٻه ٽي ڪلاڪ خوف ۾ ورتل ھوندي…!

ھوڏانھن انھن ئي ڏينھن دوران اسانجي ڳوٺ جي زميندار،  مختلف ھاوئسنگ سوسائيٽز جي مالڪ ۽ چوپائي مال جي واپاري “واٽيو خان واٽواڻي” کي فون آئي ھئي ته ھن کي به نگران ڪابينا ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، ۽ ٻيلي کاتي گڏائي کيس ٽن کاتن جو قلمدان ڏنو ويندو. صبح شام اوطاق تي پوليس، وڪيلن، صحافين، روينيو عملدارن (مختيارڪار ۽ تپيدار) جي اچ وڃ لڳي پئي ھجي، ھُو به نگران ڪابينا جي لسٽ فائنل ڪرڻ واري رات تي سمنڊ ڪناري دو درياھ تي “دم درياھ” بڻجي نگران حڪومتي سيٽ اپ ۾ امڪاني وزارت ملڻ جي خوشي ۾ پنھنجن سنگتين سان ڊنر ڪري رھيو ھو. آئون جڏھن سئنيما واري شاپنگ سينٽر تي وبائي ڪابينا کان رھجي ويل صحافي دوست ھڻ کڻ سان ٻہ ھٿ ڪري رھيو ھوس تہ واٽواڻي رئيس جي فون ڪال اچي وئي ته، “جلدي دو درياھ تي اچ، ھتي سنگت جي شان ۾ دعوت رکيل آھي…!” آئون به جلد بازي ڪندي ھڻ کڻ کان ھٿ ڇڏائي جئين ئي دو درياھ تي قائم ھوٽل جي ڪاٺي وارن ڏاڪڻن تي چڙھي سمنڊ واري پاسي ويٺل پنھنجي ڳوٺائي رئيس واٽيو خان واٽواڻي واري چبوتري تي پھتس تہ ھي ڊاڙن ۽ ٺڪائن ۾ پورو ھو چئي رھيو ھو: “مونکي وفاقي ڪابينا ۾ بين الصوبائي رابطه ڪاري ۽ متروڪه املاڪ” ٻن کاتن واري وزارت ملي ٿي پر اھو چئي ڪري انڪار ڪيم تہ مونکي انھن کاتن جي خبر ئي ڪانھي. ٻيو تہ منھنجي دلچسپي پنھنجي صوبي ۾ آھي، ان ڪري مونکي  صوبائي ڪابينا ۾ کنيو وڃي.

جئين دو درياھ تي ڊنر ڪري اٿي ھيٺ آياسين تہ ھوٽل ٻاھران پوليس جون گاڏيون سائرن وڄائڻ لڳيون. اسان سڀ رئيس واٽيو خان واٽواڻي جي پروٽوڪول کي ڏسي ڪري ڏاڍا خوش ٿياسين ۽ کيس مبارڪون ڏيڻ شروع ڪيوسين. ايتري ۾ ھڪ سول ڊريس ۾ آفيسر چئن پنجن برجستن نوجوان آفيسرن سان گاڏي مان لھي اسانجي طرف آيو ۽ چيائين ته، “رئيس واٽيو خان واٽواڻي اسان کي گھربل آھي. ھن گذريل 15 ڏينھن ۾ جيتري بئنڪ ٽرانزيڪشن ۽ ٻي ڏيتي ليتي ڪئي آھي، ايتري پنھنجي پوري ڪاروباري زندگي ۾ ڏيتي ليتي ناھي ڪئي، جنھن جا اسان وٽ ثبوت آھن.” مون ڏي نھاريندي ھن چيو تہ “اوھان فڪر نه ڪريو، ڪجھ ڏينھن رئيس واٽيو خان واٽواڻي اسانجو مھمان ھوندو ۽ اوھانجو صحافي دوست ھڻ کڻ بہ اسانجي تحويل ۾ آھي. ان بہ اسان سان ڪم واري معلومات شيئر ڪئي آھي، جنھن جي بنياد تي وڌيڪ گرفتاريون ٿينديون…!”