نگران ڪابينا حلف کڻي ورتو

0
177
نگران ڪابينا حلف کڻي ورتو
نگران ڪابينا حلف کڻي ورتو

اسلام آباد: نگران وفاقي ڪابينا جي ميمبرن حلف کڻي ورتو آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميمبرز کي حلف کڻايو آهي

پهرين مرحلي ۾ نگران ڪابينا جي 18 ميمبرن حلف کنيو، ايوان صدر ۾ ٿيل تقريب دوران صدر عارف علوي وفاقي ڪابينا جي ميمبرن کي حلف کڻايو

ياد رهي ته انورالحق ڪجهه ڏينهن اڳ نگران وزير اعظم طور پنهنجي مختصر ڪابينا رکڻ جو اعلان ڪيو ه

وفاقي نگران ڪابنيا ۾ مرتضيٰ سولنگي سُڌ سماءَ ۽ مدد علي سنڌي کي تعليم واري وزارت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

جليل عباس جيلاني پرڏيهي ۽ شمشاد اختر ناڻي جي وفاقي وزير ٿيندي، رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل انور علي حيدر بچاءَ، نديم جان صحت ۽ احمد عرفان قانون جو وفاقي وزير هوندو

عمر سيف آءِ ٽي، مشعال ملڪ انساني حق ۽ شاهد اشرف ابڙو پوسٽل سروسز جا وفاقي وزير ٿيندا

سرفراز بُگٽي کي گهرو ۽ جمال شاهه کي ثقافت کاتو ڏنو ويندو، ايوانِ صدر ۾ تقريب دوران صدر عارف علوي ڪابينا ميمبرز کي حلف کڻايو

ڪابينا ميمبرز کي کاتا الاٽ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي

نگران ڪابينا جي ميمبرن جا نالا ۽ انهن جا قلمدان

نگران ڪابينا حلف کڻي ورتو

  1. ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر – وزارت دفاع، دفاعي پيداوار ۽ هوابازي
  2. سرفراز بگٽي – وزارت داخله، نارڪوٽڪس، اوورسيز پاڪستانيز
  3. مرتضيٰ سولنگي – سُڌ سماءَ
  4. سميع سعيد – منصوبابندي ۽ ترقي واري وزارت
  5. جمال شاهه – وزارت قومي ورثو ۽ ثقافت
  6. مدد علي سنڌي – وفاقي وزارت تعليم، قومي اتحاد، نوجوانن جا معاملا
  7. احمد عرفان اسلم – وزارت قانون ۽ انصاف، قومي وسيلن، موسمياتي تبديلي ۽ پاڻي
  8. محمد علي – وزارت توانائي ۽ بجلي ۽ پيٽروليم
  9. شمشاد اختر – وزارت ناڻي ۽ روينيو، اقتصادي معاملن، شماريات ۽ نجڪاري
  10. ڊاڪٽر عمر سيف – وزارت آئي ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي
  11. گوهر اعجاز – ڪامرس، ٽيڪسٽائيل، صنعت ۽ پيداوار
  12. انيق احمد – وزارت مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي
  13. ڪيپٽن (رٽائرڊ) شاهد اشرف تارڙ – مواصلات، ريلوي، پوسٽل سروسز، بندرگاهن ۽ بحري معاملن واري وزارت
  14. خليل جارج – انساني حقن جي وزارت، عورتن کي بااختيار بڻائڻ
  15. ايئر مارشل (ر) فرحت حسين – هوابازي بابت صلاحڪار
  16. وقار مسعود – فنانس ايڊوائيزر
  17. مشال ملڪ – وزيراعظم جو انساني حقن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ بابت خاص صلاحڪار
  18. جواد سهراب ملڪ – خاص صلاحڪار اوورسيز
  19. وائيس ايڊمرل (ر) افتخار رائو – خاص صلاحڪار بحري معاملن بابت
  20. وصي شاهه – سياحت تي خاص صلاحڪار
  21. ڊاڪٽر جهانزيب خان – اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (SIFC) جو خاص صلاحڪار
  22. سيده عارفه زهرا – تعليم ۽ قومي اتحاد بابت خصوصي صلاحڪار
  23. احد چيما – اسٽيبلشمينٽ جو صلاحڪار
  24. وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جا قلمدان: ڪيبينيٽ ڊويزن، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن، نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن، بين الصوبائي رابطا، سي سي آءِ سيڪريٽريٽ، صفران، زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، هائوسنگ ۽ ورڪس.

هن کي به پڙهندا

جسٽس (ر) مقبول باقر سنڌ جي نگران وڏي وزير طور حلف کڻي ورتو