نگران وفاقي ڪابينا: گئس اگهن ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو

0
133
گئس 226 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مهانگي ڪريو: سوئي سدرن جي اوگرا کي درخواست
گئس 226 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مهانگي ڪريو: سوئي سدرن جي اوگرا کي درخواست

نگران وفاقي ڪابينا گئس جي اگهن ۾ واڌ في الحال روڪي ڇڏي آهي

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ڪابينا جي اجلاس دوران اهم فيصلا ٿيا آهن

اسٽيل ملز جي نجڪاري پروگرام مان ڪڍڻ جي منظوري ڏني وئي، صنعت ۽ پيداوار جي وزارت ڪابينا آڏو اڳتي جو لائحه عمل پيش ڪندي

وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي، هڪ لک 79 هزار 210 پانڌيئڙا حج جي سعادت ماڻيندا

سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان جي حڪومت سياسي ناهي ۽ نه ئي ڪا سياسي ايجنڊا آهي، سياسي پارٽيون هڪٻئي سان رابطا ڪنديون آهن، اُن لاءِ کين نگران حڪومت جي مدد جي ضرورت ناهي

هن چيو ته ڪو سياسي اڳواڻ حڪومت سان ملڻ گُهرَي ته اُن جي خواهش جو احترام ڪنداسين، غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي واپس اُماڻڻ لاءِ ڊيٽا تيار ڪئي پئي وڃي، سندن مرحليوار واپسي کي يقيني بڻائڻ لاءِ وزيراعظم ورڪ پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

 واپس ويندڙ قانوني طريقي سان ٻيهر پاڪستان اچي سگهن ٿا، ٻن مهينن دوران اٽڪل 2 لک پرڏيهي واپس هليا ويا آهن

پنجاب ۽ ڪي پي جون چونڊون منهنجي نگران وزيراعظم بڻجڻ کان اڳ دير جو شڪار ٿيون: انوار الحق ڪاڪڙ