نگران وزيراعظم کي هٽائڻ واري درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ بابت فيصلو محفوظ

0
117

نگران وزيراعظم کي هٽائڻ واري درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ بابت فيصلو محفوظ

لاهور هاءِ ڪورٽ نگران وزيراعظم کي هٽائڻ واري درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي

 نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي هٽائڻ لاءِ داخل ڪرايل درخواست تي جسٽس شاهد بلال حسن ٻڌڻي هلائي

 وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته ان نوعيت جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻيءَ هيٺ آهي، درخواست کي نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي

درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته نگران وزيراعظم جي مقرري 90 ڏينهن مڪمل ٿيڻ بعد اڻ اثرائتي ٿي چڪي آهي

درخواستگذار جو چوڻ هو ته آئيني طور انوار الحق ڪاڪڙ ملڪ جو نگران وزيراعظم نه رهيو آهي، جڏهن ته درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ بابت فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي