نگران وزيراعظم طرفان نئين سال جي سڀني تقريبن تي پابندي جو اعلان

0
133
نگران وزيراعظم طرفان نئين سال جي سڀني تقريبن تي پابندي جو اعلان
نگران وزيراعظم طرفان نئين سال جي سڀني تقريبن تي پابندي جو اعلان

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ نئين سال جي سڀني تقريبن تي پابندي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته فلسطينين تي  ظلم ٿي رهيو آهي، نئين سال جي آمد کي سادگي سان ملهايو وڃي

 سمورا پاڪستاني مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪن. پنهنجي خاص پيغام ۾ انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته دعا آهي نئون سال امن جو پيغام کڻي اچي

نگران وزيراعظم چيو ته فلسطين جي صورتحال سبب سڄي قوم ڏکاري آهي، فلسطينين لاءِ پاڪستان عالمي سطح تي آواز اٿاريندو رهندو

 هن چيو ته پاڪستانين کي اپيل آهي ته نئين سال جي موقعي تي سادگي اختيار ڪن، سرڪاري سطح تي به ڪنهن قسم جي تقريب نه ٿيندي