نگران حڪومت پاران عوام کي وڏو رليف: پيٽرول 40 رپيا ۽ ڊيزل 15 رپيا لٽر سستو

0
154
پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا في لٽر کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان
پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا في لٽر کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران حڪومت پاران عوام کي وڏو رليف ، پيٽرول جي قيمت ۾ 40 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي،نيون قيمتون رات کان لاڳو ٿي چڪيون آهن جيڪي ايندڙ 15 ڏينهن تائين هونديون

رات 12 وڳي حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جو اعلان ڪيو ويو، جنهن موجب پيٽرول 40 رپيا لٽر سستو ڪيو ويو آهي، 283 رپيا 38 پئسا پيٽرول جي نئين قيمت مقرر ڪئي وئي آهي

هاءِ اسپيڊ ڊيزل في لٽر 15 رپيا لاٿ ڪئي وئي آهي جنهن بعد هاءِ اسپيڊ ڊيزل في لٽر نئين قيمت 303 رپيا 18 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي، لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 19 رپيا 59 پئسا في لٽر گهٽتائي ڪئي وئي

گاسليٽ 22 رپيا 43 پئسا سستو ڪيو ويو جنهن کانپوءِ 214 رپيا 85 پئسا نئين قيمت مقرر ٿي وئي آهي، اوگرا پاران لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ لاٿ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو جڏهن ته پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي سوڌو ٻيا ٽيڪس برقرار رکيا ويا