نيٺ ڇا ٿيندو؟ آءِ ايم ايف جي ٺاهيل بجيٽ کي رد ڪريون ٿا، حڪومت غريبن کي رليف ڏئي: عوام

0
409

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي ڪابينا پاران 80 کرب جي بجيٽ منظور ڪئي وئي آهي جنهن ۾، ساڍا 3 کرب جو خسارو هوندو، نئين بجيٽ ۾ 14 کرب رپين جا نوان ٽيڪس لڳندا؟ اهڙي منظور ڪيل بجيٽ کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته بجيٽ عوام دشمن آهي ۽ آءِ ايم ايف جي ٺاهيل آهي جنهن سان مهانگائي جو طوفان ايندو، اهڙي بجيٽ کي رد ڪريون ٿا، حڪومت عوام کي رليف ڏئي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ علي هليو لکيو ته عوام دشمن بجيٽ آهي، تبديلي سرڪار نوان ٽيڪس لڳائي غريب عوام تي مهانگائي جو هڪ نئون ايٽم ڪيرائيندي. لالا لياقت علي لکيو ته عوام دشمن بجيٽ آهي تبديلي سرڪرار مهانگائي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، بجيٽ به آءِ ايم ايف جي فرمائش تي تيار ٿيل آهي. ممتاز علي سميجو لکيو ته غريب عوام تي نوان ٽئڪس لڳائي مهانگائي جو طوفان آندو پيو وڃي اهڙي بجيٽ کي رد ڪريون ٿا. مبارڪ بجير لکيو ته هن حڪومت جي ايندي ئي غريب عوام اڳ ۾ ئي مهانگائي ڀوڳي رهيو آهي، مٿان وري نوان ٽيڪس مڙهڻ مسڪين ماڻهن لاءِ وڌيڪ عذاب هوندو. عرض محمد پيرزادو لکيو ته هن وقت تائين وفاقي سرڪار بجيٽ ۾ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪو به منصوبو ناهي ڏنو، حڪومت کي گھرجي ته زراعت جي منصوبن لاءِ ڪجهه بجيٽ رکي، ثاقب بلوچ لکيو ته ٽيڪس لڳائڻ سان مهانگائي وڌندي عوام لاءِ نوان سور جنم وٺندا، اعظم عالماڻي لکيو ته ساھه کڻڻ تي به ھي حڪومت ٽيڪس لڳائي سگهي ٿي. ايم بي قادري لکيو ته عوام کي رليف ڏنو وڃي. صفدر سنڌي لکيو ته وفاقي حڪومت غريبن لاءِ عذاب ڪري ڇڏيو آهي. سڪندر بلوچ لکيو ته وفاق پاران پيش ڪيل بجيٽ عوام دشمن بجيٽ آھي، نوان ٽيڪس لڳائڻ سان مھانگائي ۾ اضافو ٿيندو. دائود لغاري لکيو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي پر عام ماڻهو لاءِ ڪو به رليف ناهي. اشفاق علي پنهور لکيو ته عوام دشمن بجيٽ آهي. ايم عشرت بروهي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو. نور احمد ٻگهيو لکيو ته اھا بجيٽ عوام دشمن بجيٽ ھوندي، محسن لعل لکيو ته آءِ ايم ايف جو قرض لاهڻ لاءِ عوام جو رت پيئڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي، عوام تي ٽيڪس جو بار ايترو وڌو وڃي جيترو برداشت ڪري سگهي، .ثناءُالله چنا لکيو ته حڪمران ظالم ٿي ويا آهن. عبدالحفيظ عثماني لکيو ته هاڻي آءِ ايم ايف جي مرضي هلي ٿي ان جي مرضي سان بجيٽ تيارڪن ٿا، غلام حسين ڀٽي لکيو ته اسان وٽ الميو آھي، بجيٽ پاليسي آءِ ايم ايف جي چوڻ تي جوڙي ويندي آھي، نوان ٽيڪس لڳڻ سان غريب ۽ پورھيت طبقو سخت متاثر ٿيندو آھي. بابر خان لکيو ته عوام دشمن بجيٽ آهي، الطاف ڪلهوڙو لکيو ته جئين ئي تبديلي سرڪار آئي آهي تئين عوام کي ھڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان ڪري ڇڏيو آھي. غوث بخش ڪٽوهر لکيو ته انهن ٽيڪسن عوام کي نپوڙي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ايتري مهانگائي باوجود به بجيٽ خساري ۾ آهي؟ مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته ڀلي ڪيتريون به بجيٽون آنديون وڃن عوام مهانگائي کي منهن ڏئي رهيو آهي حڪومت کي گھرجي ته عوام کي رليف ڏنو وڃي. اظهر شر لکيو ته هر بجيٽ ۾ عوام مٿان ٽيڪس لڳايو ويندو آهي بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ عام واهپي جون شيون سستيون ناهن ڪيون وينديون، وحيد مستوئي لکيو ته رڳو ٽوپي ڊرامو آھي مھانگائي ڪرڻي اٿن بس. عادل الاهي بخش لکيو ته هي آءِ ايف جي فرمائش تي تيار ٿيل بجٽ آھي حڪومت آءِ ايم ايف آڏو بيوس بڻيل آھي. مير ذوالفقار چانڊيو لکيو ته ظاهري طرح عوام دشمن بجيٽ لڳي ٿي، وفاقي حڪومت غريب عوام جو به ڪجهه سوچي. جنيد زرين لکيو ته بجيٽ تي صرف ملازم توجهه ڏيندا آھن ته پگهار ڪيتري وڌي، باقي هتي روزانه بجيٽ ٿي پيش ڪئي ٿي وڃي مهانگائي واري. علي محمد کوسو لکيو ته عوام کي ڪو به رليف ڪونه ملندو بجيٽ عوام دشمن ئي ثابت ٿيندي. اي ڊي لغاري لکيو ته وري مھانگائي ٿيندي. گذريل پوڻن ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ شيون 70 سيڪڙو تائين مهانگيون ٿي ويون آهن.. اسلم سومرو لکيو ته ظالم حڪومت عوام دشمن بجيٽ منظور ڪري عوام کي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو. ديپڪ باغي لکيو ته بجيٽ جي پاڪستان ۾ ڪا به منصوبابندي ناهي ته بجيٽ جو ڪو فائدو ناهي .عبدالحفيظ ويسر لکيو ته ڪنهن به بجيٽ اڄ تائين ڪنهن به حڪومت عوام کي ريليف نه ڏنو آهي ھميشا ھر ھڪ حڪومت مهانگائي جو بم عوام تي ڪيرائيندي آهي، مسرور شر لکيو ته وري به عوام کي رليف ڪونه ملندو ٽيڪس غريبن جي پگھر مان نڪرندا خدارا غريب عوام کي رليف ڏيو، سرمد ملاح لکيو ته غريب عوام جي لاءِ ڪجھه ڪريو، منان ميمڻ لکيو ته ظالم حڪمران ظالم بجيٽ ڏيندا، پريم راٺوڙ ڪولهي به راءِ جو اظهار ڪيو.