جيل جي ڊائريءَ جا ورق!
اڄ اُستاد ابلي شيدي اسان جي کوليءَ ۾ اسان جو مهمان خاص هئو. ابلي تازو ميرپور خاص جيل جي سير ڪري آيو آهي. هُن منهنجي کوليءَ جي ڏاڍي تعريف ڪئي. منهنجي ورزش جي اسٽائل تي به هن تبصرو ڪيو. هُن شيري جي به ڏاڍي پارت ڪئي ۽ هو شيري کي مائٽ مائٽ چوندو رهيو. هُن ٻڌايو ته هُن جي والده به خاصخيلي آهي. هُن چيو ته شيري به شيدي ٿو نظر اچي. اڄ اسان ڪلهن جي سخت ورزش ڪئي، رات جو رشيد ڏيٿو چوڻ لڳو ته آئون به فطرت جو حصو آهيان، ڇا فطرت کي قيد ڪري سگھجي ٿو؟ مون هُن کي غور سان نهاريو ته هُن جي اکين ۾ آلاڻ هئي ۽ پوءِ هُن کي فيض صاحب جو شعر ٻڌايو ته:
ہم کہ ٹہرے اجنبی کتنی مدتوں کے بعد
پھر بنیں گے آشنا کتنی ملاقاتوں کے بعد
کب نظرمیں آئے گی بے داغ سبزہ کی بهار
خون کے دھبے دھلیں گے کتنی برساتوں کے بعد۔
رات جو دير تائين پنهنجي پيارن جا خط ڪڍيو پڙهندو رهيس. جنهن مون کي وري ماضيءَ ڏي ڌڪي ڇڏيو. آئون ليبر ڪالونيءَ جي چڙهائي تان هميشه جبلن جو نظارو ڪندو هئس جڏهن آئون پنهنجي اسڪول کان موٽندو هئس، محسن پبلڪ هاءِ اسڪول جتان مون ميٽرڪ ڪيو، منهنجا سڀ ڪلاس فيلو ڪنهن نه سٺي نوڪريءَ ۾ هوندا ۽ آئون زنداني زندگي پيو گذاريا. شايد الله کي اهو ئي منظور هو.
آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (02 اپريل 2021)
اوهين ياد آيا ته ڳوڙها ڳڙي پيا!
معمول موجب اڄ آئون پسار ۾ پنهنجي قيدي دوست سان گڏ ٻه نه ڊويزن ۾ پنهنجي کوليءَ 18 جي سامهون واري پارڪ ۾ الطاف ڊيشڪ ۽ امام دين قمبراڻي ۽ ڪجھه ٻين يدوستن سان گڏ گھمي رهيو هئس ته اوچتو منهنجي نظر کولين جي سامهون پارڪ ۾ پوکيل گلاب جي هڪ گل تي پئي جيڪو پري کان تمام سهڻو ۽ هسين لڳي رهيو هو. سو پنهنجي دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳس ته ڇو نه انهيءَ گلاب جي گل کي پٽي وٺان، جيڪو مون کي هڪ محبوب قيدي ۽ سٺي دوست قربان بروهي جي ياد ڏياري رهيو هو جيڪو ڪجھه ڏينهن اڳ آزاد ٿي وڃي پنهنجي ٻچن سان مليو، جنهن پنهنجي زندگيءَ جا پورا 10 سال سينٽرل جيل حيدرآباد کي ڏنا جيڪو تمام قربائتو انسان ۽ وڏو سخي ۽ رحمدل انسان هو جنهن جي در تان ڪير به خالي واپس نه ويندو هو. هو هر قيديءَ کي پنهنجي ٻچڻ ۽ ڀائرن جيان ڀائيندو هو. ايتري قدر ته هو غريب قيدين کي ايترو ڀائيندو هو جو انهن کان پنهنجا مائٽ به وسري ويند اهئا ڇو ته اهو انسان لاوارث قيدين جو جيل ۾ سهارو هيو ۽ ان کان سواءِ هو منهنجو ڀائرن جھڙو دوست به هو جيڪو هميشه صبح جو سوير پنهنجي کوليءَ مان نڪري پارڪ مان هڪ گل پٽي اچي مون کي منهنجي کوليءَ تي ڏئي ويندو هو ۽ مون کي اهو چئي ويندو هو ته ايوب ڀاءُ جڏهن آءُ جيل مان آزاد ٿيدس ته توکي ضرور ياد ايندس. جڏهن به تون هن پارڪ ۾ پسار لاءِ ايندي ته ضرور مون کي ياد ڪندين، جڏهن ب ه اوهان مون کي ياد ڪندا ته ضرور توهان جون اکيون ڀرجي ايندو ۽ اکين مان ڳوڙها وهي ويندا.
سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد
ٿر ۾ ٿيندڙ آپگھات ۽ انهن جا ڪارڻ !
ٿر جيڪو سنڌ جو هڪ پوئتي پيل علائقو آھي، جيڪو وسيلن سان مالامال علائقي شامل ٿئي ٿو، هتي نه رڳو ملڪ کي فائدو ڏيندڙ ڪوئلو آھي، هتي ڪارونجهر جبل جو قيمتي گرينائيٽ پٿر به آھي، هتي وسيلن هوندي به مقامي ماڻھو اڪثر بک ۽ بدحالي واري زندگي گذارين ٿا، هتي دنيا جو ستون نمبر ڪوئلو ته نڪري ٿو پر هتي روزانون مقامي ماڻھن ۽ عورتن جا لاش وڻن ۾ ٽنگيل هٿ اچن ٿا! ٿر ۾ ڪجھ سالن کان آپگھاتن جو لاڙو تمام وڌي ويو آھي، هر ڏينهن ۾ هڪ يا ٻه ته ڪڏهن مٿي به واقعا ٿين ٿا، افسوس سان چوڻو ٿو پوي هن علائقي ۾ ايترا آپگھات ٿين ٿا پوءِ به سنڌ حڪومت ڪي به قدم ناهن کنيا، ٿر جي مسڪينن لاءِ صرف اخبارن ۾ خبرو هلنديو آھن ۽ انهن ۾ پوليس رپورٽ تائين جو عمل ھوندو آھي، مجموعي طور ڏسبو ته ٿر ۾ غربت به جيئن جو تيئن آھي ۽ آپگھاتن جا بنيادي ڪارڻ به غربت ۽ تنگدسي واري زندگي گذارين ٿا مختلف ادارن يا وياجين کان قرض کڻن ٿا ۽ قرض وڌڻ سان اهڙو رستو اختيار ڪن ٿا جنهن پريشاني سب هو زندگي جي جنگ هارائي وڃن ٿا، ٻيو ته سماجي معماملن ۾ گهرو اڻ بڻت جا مسئلا شادين جا مسئلا اڪثر ٻھراڙين ۾ تعليم جو گهٽ ھئڻ اهي سڀ بنيادي سطح جا مسئلا آھن، جنهن ڪري هتي هر ڏينهن آپگھاتن جا واقعا وڌن ٿا هن غلط عمل کي روڪڻ ۾ اسان جي سماجي تنظيمن کي اڳيان اچڻو پوندو مختلف ڳوٺن ۾ زندگي جي عنوان سان گڏجاڻيون ڪرائڻيون پونديون، تڏهن اسان جي سماج ۾ هن عمل جو خاتمو ٿيندو ۽ اسان اھڙن ناڪارا عملن کان بچنداسين.
جيسارام جوشي /مٺي ٿرپارڪر 
آئون عيد جھڙن خوشي وارن ڏينھن تي خوشي ناهيان ملھائيندو!‎
عيد جو ڏينھن ھو، ٻين جيان آئون به نوان ڪپڙا، سينڊل پائي ۽ عطر انبير ڪري شھر طرف عيد نماز ادا ڪرڻ لاءِ وڃي رھيو ھئس ته، رستي ۾ ماڻھن جي ڊگھي قطار خوشي ۾ ورتل ھئي، انھيءَ رستي تي ھڪ بيواھ عورت سيريز حالت ۾ سندس معصوم پٽڙي کي ٻکٽڻي ۾ کنيو بيٺي ھئي، ڄڻ روڊ تان گذرندڙ ۽ عيد جي خوشي ملھائيندڙن کان مدد گھري رھي ھئي، سندس نماڻيون اکيون وطن جي محرومي جو ڏيک ڏيندي ۽ انسانيت ڏانھن اشارو ڪري رھي ھيون، پر الائي ڇو ٻين جيان آئون به نون ڪپڙن، سينڊل عطرن جي خوشبوءِ ۾ فخر محسوس ڪندي اڳيان وڌيس، نماز ادا ڪري واپس وريس ته رستي ۾ ساڳئي جڳھ تي موجود ھڪڙي ڪکائي جھوپڙي مان آواز اچي رھيو ھو، اڳيان وڌي انھيءَ گھر تي نظر ڦيرائي ڏٺم ته ھڪڙي کٽ جي سيراندي تي اها ئي امڙ اوڇنگارون ڏئي روئي رھي ھئيم پٽ تي ويٺل سڀ مايون کيس ڄڻ پرچائي رھيون ھيون، کٽ تي پيل معصوم جسم مٿان اجرڪ جو ڪفن اوڍيل نظر اچي رھيو ھو، سچ پڇو تنھن وقت منھنجي مفاد پرست ذھن تي ڪنھن ڏاھي جا چيل لفظ مونکي بار بار جنجهوڙي رھيا ھئا، آئون عيد جھڙن ڀلارن ڏينھن تي نوان ڪپڙا يا نيون جتيون ناھيان پائيندو ڇاڪاڻ ته انھن خوشي وارن ڏينھن تي اميرن جا ٺٺ ڏسي غريبن کي پنھنجي غربت جو احساس وڌي ويندو آھي.
رياض امر ٻجورو/سجاول
نوجوانن تي ويڊيو گيمز جا وڌنڌڙ اثر!
ڪنھن به قوم جي ترقي جو دارو مدار ان جي نوجوانن تي ھوندو آھي، جيڪڏھن نوجوان پنھنجي صلاحيت کي صحيح نموني استعمال ڪندا، ان سان ئي سماج جو ڀلو ٿيندو، جيئن ته اڄ ڪلھ ٽيڪنالاجي جو دور جنھن سان ماڻھو تمام گھڻو مصروف ٿي ويو آھي، نوجوان طبقو پڻ موبائل کي تمام گھڻو ٽائيم ڏئي ٿو، پر اڄ ڪلھ نوجوان طبقو سوشل ميڊيا سان گڏ گيمز وغيره کي به تمام گھڻو ٽائيم ڏين ٿا، جنھن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪيترن ئي گيمز جنھن ۾ مشھور گيم پب جي، کي به ڏين ٿا، اھا گيم ھاڻي لڳ ڀڳ ھر ڳوٺ ھر شھر ۾ عام جام آهي جنھن سان انھن جي زھن ۾ ناڪارا اثر پڻ پون ٿا، پڙھائي پڻ متاثر ٿئي ٿي. سڄو سڄو ڏينھن گيم کيڏڻ سان انھن جي روين ۾ پڻ خطرناڪ حد تائين تبديلي اچي وڃي ٿي، جيڪڏھن ڪنھن به شي جو حد کان وڌيڪ استعمال ٿيندو آهي ته اھو انسان لاءِ نقصان ڪار ھوندو آهي، ٻيو نه ته مان ننڍو مثال پنھنجي ئي ڳوٺ جو ڏيندس، جتي تعليم جو حال اڳ ئي پورو آهي باقي پب جي گيم ڪڍي ڇڏي آھي، ڇوڪرا سڄو ڏينھن گيم ۾ رڌل آھن، ايتري تائين جو ان جا مائٽ پڻ پريشاني ۾ ورتل آھن، حڪومت کي گھرجي ته عوام کي آگاھي ڏيڻ گھرجي ته ڪيئن ٽيڪنالاجي جو اسان درست استعمال ڪيو ان سان ٻيا به کوڙ سارا فائده حاصل ڪيون، جنھن سان اسان پنھنجو ۽ پنھنجي قوم جو ڀلو ڪري سگھون ٿا.
عبدالصمد کوسو/نوشهروفيروز
رمضان ايندي ئي عام واھپي جي شين جي اگھن ۾ واڌ!
رمضان بابرڪت ۽ رحمتن وارو مھينو آھي، سڄي دنيا ۾ رمضان جا روزا شروع آهن ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سستين شين جا پيڪيج ڏنا پيا وڃن، پر اسان جي ملڪ ۾ رمضان ايندئي عام واهپي جي شين جي اگھن ۾ واڌ چوٽ تي پھتي آھي، ان مھانگائي عوام کي ويتر پريشانين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي جنھن ڪري غريب جي زندگي تي ان جا اثر صاف نظر اچي رھيا آھن، انھيءَ مھانگائي جي ڪري عام ماڻھو تمام گھڻو متاثر پيو ٿئي، مھانگائي جي ڪري روزمره جون شيون غريبن جي خريد ڪرڻ کان پري ٿينديون پيون وڃن، عوام انھن شين کي ڀلاري مھيني ۾ به خريد ڪرڻ کان پري آھي ۽ حڪومت جي نااھلي جو به چٽو ثبوت آھن، حڪومتي ناقص پاليسين جي ڪري ھر روز وڌنڌڙ مھانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، ھن وقت رمضان جو مھينو ايندي ئي منافعي خور حرڪت ۾ اچي ويا آھن جن شين تي ٽئڪس جو بھانو بڻائي عام واھپي جون شيون چوٽ چاڙھي ڇڏيون آھن، بنا ڪنھن روڪٿام جي عوام جو رت چوسي رھيا آھن، جڏھن ته حڪومت رمضان مھيني ۾ شين جي اگھن ۾ گھٽتائي جو اعلان ته ڪندي آھي پر اهي اعلان صرف اعلان رهندا آهن، انهن تي عمل ناهي ڪيو ويندو، رمضان مھيني ۾ ڪنھن دڪاندار وٽ سرڪاري ريٽ واري تصديق ٿيل ريٽ لسٽ نه ھوندي آھي، جنھن ڪري دڪاندار پنھنجا اگھ مقر ڪري ڇڏيندا آھن، جنھن ڪري غريب عوام واھپي واريون شيون خريد نه ڪري سگھندو آهي. رمضان شريف نيڪين ڪمائڻ جو مھينو آھي پر ھن مھيني کي سرمائيدار ۽ منافعي خور پنھنجي ڪمائيءَ جو مھينو سمجھندا آھن ۽ شين جي اگھن ۾ وڏو واڌ آڻي ڇڏيندا آھن، حڪومت کي گھرجي مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪري مهانگائيءَ تي ضابطو آندو وڃي.
حسين ٽانوري/خيرپور
ٻارڙي جي والدين کي ڪنهن مسيحيٰ جو انتظار آهي!
ڳڙھي حسن جي هواسي مراد جمالي جي ڌيءُ صوفيا جيڪا چار سالن کان وٺي چمڙي جي هڪ موذي مرض ۾ ورتل آھي، والدين غريب هجڻ جي ڪري معصوم نينگريءَ جو علاج ڪرڻ کان لاچار آھن، والدين جي چوڻ آهي ته اسان غريب آھيون، نينگريءَ جو علاج نٿا ڪرائي سگهون، اڳ به اسان جو هڪ 8 سالن جو پٽ هن بيماري ۾ فوت ٿي ويو آھي، هڪ ته ڳڙھي حسن ۾ گرمي تمام گهڻي آھي گرمي هجڻ جي ڪري ٻار کي گهڻي تڪليف ٿيندي آھي، اسان وٽ ايترو پئسو ناهي جيڪو اسان ڪنهن سرد علائقي ۾ وڃي رهون اسان جي وزيراعليٰ سنڌ ۽ وس وسرن کي اپيل آھي ته اسان جي ٻارڙي جي علاج ڪرائي سندن زندگي بچائي وڃي.
محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن
سنڌ ۾ وڌندڙ روڊ حادثن لاءِ تحرڪ ورتو وڃي!
اڄ جي هن موجوده دور کي اسان ماڊرن يا جديد دور چئون ٿا، اڄ جي هن دور ۾ سائنس تمام گهڻي ترقي به ڪئي آهي. انسان جي لاءِ هر شيءِ کي سولو بڻايو ويو آهي. پهرين جيڪو ڪم انسان لاءِ ناممڪن هو سو به هن دور ۾ ممڪن ٿي ويو آهي، سائنس جي ترقي آسمان کي ڇهي رهي آهي. هاڻ ڳالھ ڪجي اسان جي سنڌ ته اڃا تائين ٽريفڪ قانون به مڪمل لاڳو ناهن ڪيا ويا. هر روز ڪيترائي روڊ حادثا ٿين ٿا جنهن جو سڌو سنئون سرڪار به ذميوار آهي. ڇو ته هتي ڪو به خاص ٽريفڪ قانون يا اصول تي عمل نٿو ڪيو وڃي. ٽريفڪ پوليس وارا وڏين گاڏين، ٽرالرن ۽ ٽرڪن کان ڳري رشوت وٺي انهن کي ڇڏي ڏين ٿا، جيڪي گھڻو ڪري ننڍين گاڏي وارن ڊرائيورن جو خيال ئي نه ڪندا آهن، جنهن سبب روڊ حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، ڏٺو وڃي ته روڊ حادثن ۾ ماڻهن جي مرڻ جو ريشو وڌي رهيو آهي. حڪومت کي گهرجي ته ان تي مڪمل قانون سازي ڪري ته جيئن اهڙي خطرناڪ عمل کي روڪي سگهجي. سيکڙاٽ ڊرائيورن کي گاڏي مين روڊ تي هلائڻ جي اجازت نه هئڻ گهرجي، هر گاڏي جي اسپيڊ جي لمٽ هئڻ گهرجي ته جيئن تيزرفتار گاڏين هلائڻ واري خطرناڪ عمل کان بچي سگهجي. جڏهن ٽريفڪ قانون کي سخت بڻايو ويندو ۽ ون وي روڊن کي ڊبل بڻايو ويندو ته ظاهر آهي ته اهڙن قسمن جي واقعن ۾ گهٽتائي ضرور ايندي. سنڌ ۽ وفاق حڪومت کي گهرجي ته هن اهم معاملي تي سخت قانون جوڙي ته جيئن روڊ ايڪسيڊنٽ جي ڪيسن کي روڪيو وڃي.
سيد علي رضا شاهه ٻيلو/سجاول
قدرتي شفا ماکي ۽ ان جا فائدا!
رب تعاليٰ انسان کي ڪيتريون ئي نعمتون ڏنيون آهن انهن مان ماکي به وڏي نعمت آهي، ماکي جو قرآن پاڪ ۾ به ذڪر آهي، ماکي 320 بيمارين جو علاج به آهي، ماکي ٻن قسمن جي ٿئي ٿي، هڪ ننئي مک واري ماکي جنھن جو مانارو ننڍو ٿئي ٿو، جيڪا اڪثر ڪري اپريل ۽ مئي جي مهيني ۾ ٿر جي مختلف وڻن مان رس چوسي ماکي ٺاهيندي آهي جيڪا کائڻ ۾ وڌيڪ مزيدار هوندي آهي ماکيءَ جي مک هڪ محنتڪش آهي جيڪا گرمين ۾ ڪشالا ڪڍي پري پري کان ٻور مان ٺاهيندي آهي، ننڍي ماکي ڪڏهن به گندگي واري شئي تي نہ ويهندي آهي نه وري ماناري ۾ پيل رس استعمال ڪندي آهي، ٻئي پاسي وڏي مک جو مانارو وڏو ٿيندو آهي جنهن ۾ ماکي به گھڻي هوندي آهي اها ماکي گندين شين تي پڻ نظر ايندي آهي، سندس مک ۾ وڏو زهر پڻ آهي، اها وڏي مک واري ماکيءَ ٿر ۾ به وڏي انداز ۾ ٿئي ٿي پر ماکي لاهيندڙ ماڻهو هن ماکي کان گهڻو ڊنل آهن، ڇاڪاڻ ته ان جو مکو تمام زهريلو آهي، ان وڏي ماکي کي لاهڻ لاءِ هڪ خاص لباس استعمال ڪيو ويندو آهي، جنھن سبب ماکي جي مکي جو ڏنگ ان لباس مان پار نٿو ڪري سگهي. هي ماکي کائڻ ۾ ايتري مزيدار ناهي پر ٿريا اها ماکي لاهي چڱو ڀلو ناڻو ڪمائين ٿا، جيئن ته ماکي اونهاري جي موسم ۾ پاڻي ۾ ملائي شربت ٺاهي استعمال ڪجي ته ڪيترين ئي ٿڌي ۽ ڪيترين ئي بيمارين جو علاج آهي پر وري سياري جي موسم ۾ گرم پڻ آهي، ڇاتي، بلغم، ٿڌ ۽ زڪام کان بچڻ لاءِ بهترين علاج پڻ آهي. ٿر جا ماڻهو ڪيترن ئي سالن تائين ماکي گڏ ڪري رکندا آهن، ماکي سوکڙي طور به پري پري تائين دوستن کي تحفي طور موڪليندا آهن.
صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎
سنڌ ۾ وڏيرا شاهي ختم ڪيو!‎
جيستائين سنڌ ۾ وڏيرا شاهي آهي تيستائين سنڌ جو نوجوان نسل اگتي وڌي نٿو سگهي، سنڌ اندر جرڳن تي هينئر ڪورٽ طرفان پابندي لڳائڻ باوجود جرگن جي بازار عروج تي آهي، سنڌ ۾ انهن وڏيرن ڪيترن ئي غريب گهر اجاڙي ڇڏيا آهنم ڪڏهن خبر پوي ٿي ته هڪ نامعلوم قبر تي قل پڙهندڙ نوجوان کي لکين رپن جا ڏنڊ هنيا ويا، ڪڏهن وري دڪاندار چپل جو نمبر صحيح هجڻ تي رٽائر استاد کي دربدر ڪيو وڃي ٿو، هي سنڌ ۾ انڌير نگري ناهي ته ٻيو ڇا آهي، ٻيو ته ٺهيو پر اڄ ڪلھ سوشل ميڊيا واحد رستو آهي جنهن وسيلي ڪنهن ظلم خلاف گهٽ ۾ گهٽ آواز اٿاري يا وري مذمت ئي ڪري سگهجي ٿي، هر ماڻهو پنهنجي وندر لاءِ سوشل ميڊيا کي استمعال ڪري ٿو، سوشل ميڊيا ذريعي ئي پهنجي خيالن جو اظهار ڪري سگهي ٿو، ڇو جو سڀ ماڻهو هن پليٽ فارم تي آزاد آهن پر هاڻي ته مذمت ڪرڻ ۾ به خوف ٿو محسوس ٿئي، متان ڪو وڏيرو ڏسي ۽ ڏنڊ نه مڙهي. تازي واقعو ڪنهن کان پري ناهي سوشل ميڊيا تي جاويد ڇڇر جيڪو پلي ڪارڊ کڻي وزيران ڇڇر جي خون سان انصاف لاءِ دانهي رهيو هو، خبر تڏهن پئي جڏهن جاويد ڇڇر تي پنج لک ڏنڊ وڌو ويو، جرڳاين طرفان جيڪو هڪ ناقابل يقين فيصلو آهي، ڪجھ ڏوهه اسان جي قوم جو به آهي ته هو هروڀرو وڏيرن کي مان مرتبو ڏئي انهن کي ڳاٽي تي چاڙهي ڇڏين ٿا اسان کي گهرجي ته ڪنهن وڏيري نه پر ڪورٽن وڃين اتي پنهجو آواز اٿارجي ته جيئن ڪو جرڳن جو شڪار نه ٿئي.
سجاد جوڻيجو/ سيهڙ اسٽيشن، لاڙڪاڻو
سنڌ سڪي وئي ساري ڙي، باھه نه ڪنهن ڀي ٻاري ڙي!
ٽاڪ منجهند، لڪ ۽ تيز هوا، زندگي ڄڻ مفلوج بڻيل هئي، تنهن ويلي شاخ ڀرسان لنگهندڙ مينهن جي ولر شاخ طرف رخ ڪيو هو پر شاخ ۾ پاڻي بجاءِ واري اڏامي رهي هئي، اڄ مينهن جي ڳچين ۾ ٻڌل چڙن جي آواز ۾ به ڪو رڌم نه هو، پياسي ڌرتيءَ تي انسانن، پکين ۽ جانورن پاڻي، پاڻي پي ڪيو. ماضيءَ جي جهروڪن ڏي موٽ کاڌي .هي اها ئي مٽلا شاخ هئي جيڪا ڪجھ سال اڳ تارو تار وهندي هئي، جانور توڙي پکي پکڻ پاڻي پي سڪون حاصل ڪندا هئا، واھ وهندا هئا، ڳوٺن جا ماڻھو ضرورت تحت پاڻي استعمال ڪندا هئا. ننڍا ٻار پاڻي ۾ وهنجندي پيا لطف اندوز ٿيندا هئا. پر اڄ واهن توڙي شاخن ۾ واري پئي اڏامي. انساني زندگي مفلوج بڻيل آھي. پاڻي زندگي آھي، پاڻي انسان توڙي جانورن جو جياپو آھي. پاڻي آھي ته هر هنڌ سرسبز ۽ وڻڪاري آھي، پر پاڻي ناهي ته ڪا خوشي ناهي. لاڙ ۾  ڍنڍن ڍورن توڙي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري هتي به ڪوهستان جهڙي ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي، نلڪن پاڻي ڏيڻ ڇڏي ڏنو آھي، ٻھراڙيءَ جي ڳوٺن جون عورتون دلا کڻي ڏورانهن هنڌن تان پاڻي ڀرڻ وڃن ٿيون، لاڙ جي ضلعي سجاول جي ٻھراڙين وارن علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سخت ٿي وئي آھي، بيلو، سجاول بئراج توڙي مٽلا شاخ ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري جانور توڙي انساني زندگي سخت متاثر ٿي رهي آھي، ٻيلي بئراج ۾ پاڻي جو وهڪرو گهٽ ھئڻ ڪري ۽ مٽلا شاخ جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري، مٽلا شاخ ۾ پاڻي جو ڦڙو به نٿو پهچي. پاڻي لاءِ هتان جا ماڻھو ڏاڍا پريشان آھن، جن جو گذر سفر صرف زمين ۽ چوپائي مال تي آھي. بقول حبيب الله سانگي جي ته:
چاندي هاڻا چيٽ سڪي ويا،
کڏون کامان کيٽ سڪي ويا،
بئراجن جا  پيٽ سڪي  ويا
ٻيلا ٻنيون ٻيٽ سڪي ويا
توبهه     توبهه   زاري ڙي،
سنڌ سڪي وئي ساري ڙي.
غلام علي گل ٻجورو/سجاول
رمضان شريف جي فضيلت ۽ ذخيره اندوزي!
رمضان شريف جو برڪتن ڀريو مهينو هلي رهيو آهي، جنهن جون برڪتون هر هڪ کي حاصل ٿينديون آهن، وفاقي اداري شماريات طرفان هفتي وار مهانگائي جي جاري ڪيل انگن اکرن ۾ ٻڌايل آهي ته گذريل هفتي دوران روز مره جي استعمال ۾ ايندڙ 18 ضروري شين جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو ڪيو ويو آهي، جيڪو هڪ وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي، ذخيره اندوزن جي باري ۾ حضرت عمر رضه کان روايت آهي ته پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو نفعو ڪمائڻ وارن کي رزق ڏنو ويو آهي پر ذخيره اندوزي ڪرڻ واري تي لعنت هوندي آهي. (ابن ماجه) اسان جي معاشري ۾ هر سطح تي عجيب وبا ڦهلجي وئي آهي ته جڏهن به رمضان شريف جو مهينو آيو آهي ته ان ۾ عام ضرورت جي شين جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي ويندي آهي ۽ پوءِ مرضي سان اگھه وصول ڪيا ويندا آهن. عام ڏينهن ۾ مارڪيٽ ۾ کارڪون 200 رپيا ڪلو ملنديون آهن پر رمضان ۾ 500 رپيا ڪلو تائين پهچي وينديون آهن. اضافي منافعو رکڻ خراب ڳالهه چئبي. رمضان جي برڪتن واري مهيني جي تقاضا آهي ته انسان هن ڀلاري مهيني ۾ ثواب ڪمائي روزيدارن کي روزو کولرائي، غريبن جي مدد ڪري، روزيدارن لاءِ سهولت پيدا ڪري، غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي افطاري ڪرائي. پنهنجا گناهه بخشرائي، مغفرت جو سامان ڪٺو ڪري، عمل درست ڪري، نيڪيون ڪمائي، پاڻ به حق حلال جي روزي کائجي ۽ پنهنجن معصوم ٻچڙن کي به حق حلال جي روزي کارائجي.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل