اشو آف دي ڊي احمد سولنگي ڪهڙو، ادبي سنگت وارو ؟ مطلب وزيراعليٰ جي فون سان نوڪري ملي ويندي؟ بحث

0
471

وڏي وزير جي نالي سان جعلي فون ڪري قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ نوڪري وٺڻ لاءِ پهتل 2 شخص پڪڙيا ويا جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو، ان سلسلي ۾ عرفان عالماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وڏي وزير جِي نالي سان جعلي فون ڪال احمد سولنگي جَي نمبر تان آئي، وڏي وزير جِي نالي سان جعلي فون تي نوڪري وٺڻ لاءِ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه آيل شخص سميت 2 ڄڻا سوگها ڪيا ويا، ڏوڪري واسي خليل سولنگي ۽ ساڻس گڏ آيل مظفر جوڻيجو کي يونيورسٽي انتظاميا پوليس هٿان گرفتار ڪرائي ڇڏيو. پوليس موجب وڏي وزير جَي نالي تي ديپڪ شرما نالي شخص وي سي کي فون ڪري چيو ته خليل سولنگي کي نوڪري ڏيو، يونيورسٽي انتظاميا جاچ ڪرائِي ته فون ڪال جعلي ثابت ٿِي، وڌيڪ انڪوائري ۾ خبر پئي ته فون ڪال مورو واسي ناليواري اديب ۽ شاعر احمد سولنگي جَي نمبر تان آئي، واقعي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ڪامران منگي لکيو ته مطلب ته فون ڪال اصلي هجي ها ته نوڪري پڪي هئي، محمد ايوب شيخ لکيو ته ان جو مطلب ته فون ڪال تي نوڪريون ڏيندا آهن، محمد گل لکيو ته مطلب وڏي وزير کان ڪال ڪرائي نوڪري وٺي سگهون ٿا، مصور چوهاڻ لکيو ته ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري يا ڪو ٻيو ؟ منصور ٿيٻو لکيو ته اهي انهن جا اصل ڪم آهن، محسن رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته احمد سولنگي پنهنجي مٽن، مائٽن کي نوڪري وٺرائي ڏيڻ لاءِ وڏو وزير ٿي سرڪاري ادارن جي سربراهن کي ڪالون ڪرڻ لڳو، امداد پنهور سوال ڪيو ته ڪهڙو مرڪزي سيڪريٽري؟ امام سنڌي لکيو ته پر جي فون سچ ۾ وڏي وزير جي هجي ها ته وي سي نوڪري ڇڏي ها، منٺار علي ملاح لکيو ته ڪمال کي به زوال ايندو آهي، اعجاز احمد قريشي لکيو ته احمد سولنگي ته ڀلو ماڻهو آهي، منهنجي پاڙي جو آهي، پوسٽ ڏسي حيرت ٿي.