نيٺ ٿيندو ڇا ؟….. وفاقي حڪومت جاچ ڪرائي يا سنڌ سرڪار، ناظم جوکيو ڪيس ۾ انصاف ٿيڻ گهرجي: عوام

0
278

                         ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ سرڪار بعد وفاقي حڪومت پاران به ناظم جوکيو قتل واري معاملي ۾ جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته جاچ وفاقي حڪومت ڪرائي يا سنڌ سرڪار، شهيد ناظم جوکيو جي خون سان انصاف ٿيڻ گهرجي، هي هاءِ پروفائيل ڪيس آهي، سڄي دنيا جون نظرون هن ڪيس تي آهن، جي آءِ ٽيز ۾ سٺا آفيسر شامل ڪيا وڃن، قاتلن کي سخت سزا ڏياري وڃي، پکين جي شڪار تي هميشه لاءِ پابندي لڳائي وڃي.

سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته ناظم پکين کي بچائيندي پنهنجي جان ڏئي ڇڏي انصاف ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڪاميٽي جوڙي هاڻي وفاق به جوڙي آهي ناظم جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، ڪير به هجي ان کي سزا ڏني وڃي، رزاق عاصي لکيو ته جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم وفاق جوڙي يا سنڌ سرڪار پر اها نتيجا ڏيندڙ هجي ڇو جو شهيد ناظم جوکيو ڪيس هڪ هاءِ پروفائيل ڪيس آهي جنهن تي پوري دنيا جون نظرون آهن، هڪ پاسي متاثر ڌر مسڪين ۽ جوابدار انتهائي پاور ۽ اثر رسوخ رکندڙ آهي انڪري هن ڪيس کي ٽيسٽ ڪيس طور کڻڻ گهرجي ۽ انصاف جون سموريون تقاضائون پوريون ٿيڻ گهرجن. گلزار ملاح لکيو ته اها سنڌ جي شعور جي فتح آھي، محمد پريل گهوٽو لکيو ته وفاقي توڙي صوبائي جي آءِ ٽيز ڪجھه نه ڪنديون صرف وقت ضايع ۽ فريادين کي بيزار ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجھه نه آھي ڪيس سڌو آهي، وحيد ڄامڙو لکيو ته جي آءِ ٽي ۾ ايماندار آفيسر سليڪٽ ڪياوڃن ته جيئن شھيد ناظم جوکيو جي خون سان انصاف ٿي سگھي ان سان گڏ سنڌ اندر سرداري نظام جو به خاتمو آندو وڃي ته جيئن ٻيو ناظم وانگر ڀوتارڪي ظلم جو شڪار نه ٿئي، الطاف کوڙ لکيو ته سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت رڳو پاڻ کي وڻائيندا آھن.

شھيد ناظم جوکيو جي قاتلن کي سرعام ڦاهي  تي لٽڪايو وڃي .حاڪم ڪٽوهر لکيو ته وفاقي حڪومت جو بهترين فيصلو آهي، خاموش خليل شر لکيو ته وفاقي حڪومت کي گهرجي ته شھيد ناظم جوکئي جي خون سان انصاف ڪري، جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏئي ڦاهي تي لٽڪايو وڃي ته جيئن ڪو ٻيو جاگيردار اهڙي ڪريل حرڪتون نه ڪري، شڪار ڪرڻ تي پابندي هنئي وڃي.

منيش واسو لکيو ته بلڪل صحيح فيصلو ڪيو ويو آھي جس ھجي ميڊيا جي نمائندن کي جن هي معاملو کنيو آهي، سنڌ ۾ ڪيترا قتل ٿين پيا اسان جي ميڊيا کي اپيل آهي ته هر قتل جي معاملي کي ايئن ئي کنيو وڃي ته ڀوتارڪي نظام سنڌ مان نڪري ويندو، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته شھيد ناظم جوکيو جي خون سان انصاف ڪيو وڃي خدارا ناحق خون تي سياست نه ڪريو ناظم جوکيو پنھنجي گھر جو پاڻ اڪيلو ڪفيل ھو ته ان جي اولاد تي رحم ڪري گھر جي بھتري ۽ ٻارن جي تعليم لاءِ ڪوئي بھتر پروگرام جوڙيو وڃي جيڪو ھر مھيني سرڪاري پگھار جيئان وظيفو ھجڻ گھرجي ڪير به ڪري سنڌ حڪومت يا وفاقي حڪومت. مير جاسم بلوچ لکيو ته جي آءِ ٽي ٺھي پر سزا ته ملي نه ۽ عرب شڪاري کي به ايف آءِ آر ۾ شامل ڪيو وڃي ان کي به سزا ملڻ گهرجي، عرب شڪارين جي سنڌ آمد تي پابندي لڳائي وڃي، عرفان سيلرو لکيو ته گورنر سنڌ جي بيان بعد نٿو لڳي ته معاملي جي صاف شفاف انڪوائري ٿي سگهندي، چندن سنگهه سوڍا لکيو ته ھي سڀ سنڌي ماڻھن ۽ سنڌي ميڊيا جي پريشر جو نتيجو آھي.

جي آءِ ٽيز جو جڙڻ اھم ڳالھه ناھي پر ضروري آھي ته عوامي پريشر قائم رھي. جاچ عام ادارا به ڪري سگھن ٿا رڳو وڏيراشاھي کي اثرانداز ٿيڻ نه ڏجي ان لاءِ عوامي ردعمل ۽ ميڊيا جو موجوده ڪردار ھر حال ۾ برقرار رھڻ ضروري آھي. وفا وزير علي پنهور لکيو ته قاتلن کي سخت کان سخت سزا ملڻ گھرجي بس ٻيو اسان کي ڪجھه نه کپي، جي آءِ ٽي جوڙڻ جو صحيح فيصلو ڪيو ويو آھي قاتلن کي سزا ملڻ گھرجي، لال محمد رند لکيو ته منهنجي خيال ۾ جي آءِ ٽي جي جوڙڻ جي ڪا ضرورت ڪونهي سڀ کان ڀلو اهو آهي جو فوري طور ظالم سردار کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي پوليس سڀ انڪشافات سامهون آڻي ڇڏيا آھن، بجار خان جعفري لکيو ته وفاقي حڪومت بھترين ڪم ڪيو آھي شھيد ناظم جوکئي جي ناحق خون سان انصاف ٿيڻ کپي جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، مڪيش ڀوراڻي لکيو ته گورنر جي بيان مان نٿو لڳي ته وفاق غير جانبدارانا ٿي ناظم جوکيو جي واثن سان انصاف ڪندي،بشير ميراڻي لکيو ته صرف جاچ ڪاميٽي جوڙي ويندي آهي پوءِ قاتل گرفتار نه ٿيندا، عدالت مان جوابدار ضمانت منظور ڪرائي ٻاهرين ملڪن ۾ ويهي رهندو، ۽ وري ڪو نئون مسئلو ٿيندو، ناظم جوکيو جي ناحق خون سان انصاف بدران وساري ڇڏبو.

علي گوهر سومر و لکيو ته قاتل سردار جي پٽ کي ڦاهي اچي پر هاڻي مشڪل پيو لڳي ته ڪو شهيد جي خون سان انصاف ٿيندو الله جي سرڪار وٽ ٿئي ته ٿئي،طارق حسين راڄپر لکيو ته بهترين فيصلو آهي، باغي ساحل ڪمار سنڌي لکيو ته ناظم جوکيو جي ناحق خون سان انصاف ٿئي، جي آءِ ٽي جي آسري ڪجهه جلدي ٿئي ٿو ته بھترين فيصلو آھي، محبوب جانم به ڦاهي جو مطالبو ڪيو، سمير احمد لکيو ته اسان مطالبو ڪيو ٿا ته ناظم جوکيو جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي غلام رضا راڄپر به جي آءِ ٽي جي آجيان ڪئي، بابر ستار هاليپوٽو لکيو ته قاتل ظاهر آهن ته پوءِ جي آءِ ٽي ڇا جي؟

طارق علي باجڪاڻي لکيو ته جي آءِ ٽي جوڙڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، قاتل ظاهر آهي ٿيڻ ته ائين گهرجي ته جيترو تشدد ڪري ناظم کي قتل ڪيو ويو جوابدار کي به اوترو تشدد ڪري ماريو وڃي، ظفر امان الله رند لکيو ته بهترين فيصلو پر ناحق خون سان انصاف ٿيڻ گهرجي انهي عربن کي به جي آءِ ٽي سامهون آڻي ڀڇا ڪئي وڃي. محمد حسن لکيو ته بهترين فيصلو آهي، بابوجان لکيو ته هر وڊيو موجود آهي پوءِ جي آءِ ٽي ڇا جي؟ امير حسن گشڪوري لکيو ته تمام سٺو فيصلو آهي پر اسان جو ته اهو ئي مطالبو آهي ته جوابدارن خلاف سخت کان سخت ڪاروائي ڪري ناحق خون سان ڪيو وڃي، امتياز جمالي لکيو ته ناظم جوکيو جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، آدم پتافي لکيو ته جاچ ڪير به ڪري پر حقيقي قاتل کي سزا اچي، مير محمد ٽالپر لکيو ته ھر ثبوت مقتول پاڻ ڏئي ويو آهي پوءِ جي آءِ ٽي ٺاھڻ مان فائدو؟ اعجاز احمد به سروي ۾ حصو ورتو، محمد ايوب لکيو ته وفاقي حڪومت جي جي،آءِ،ٽي جوڙيل ھجي يا سنڌ حڪومت جي اسان چاھيون ٿا ته  ام رباب چانڊيو جي وارثن جي قاتلن کان وٺي فھميده سيال ۽ ناظم جوکيو تائين جيڪي به سنڌ ۾ بي گناھ ماڻھو ماريا ويا آھن انھن جي قاتلن کي ڦاهي ڏني وڃي. عابد ڀٽي لکيو ته انصاف مشڪل آھي، ڪاشف حسين ڪنڀر لکيو ته ناظم جي قاتل کي ڦاهي ڏني وڃي، ناظم جوکيو جي گهر واري انصاف جي اپيل پئي ڪري ان سان انصاف ٿيڻ کپي وفاق سرڪار شهيد ناظم جوکيو جي قاتل کي سزا ڏياري، عبدالرحمان چانگ لکيو ته فيصلو درست آھي پر الله ڪري انصاف ٿئي خون سان شهيد ڪڏھن به وساري نه ٿو سگهجي هي شهيد پکين جي لات ۾ زنده رهندو، شاهزين لکيو ته سٺو فيصلو آهي، مسرور شر لکيو ته درست فيصلو پر ناحق خون سان انصاف ٿئي، رزاق نهڙي لکيو ته بھترين فيصلو آهي، اي ستار بلوچ لکيو ته بهترين فيصلو پر ناحق خون سان انصاف ٿيڻ گهرجي انهي عربن کي به جي آءِ ٽي سامهون آڻي پڇا ڪئي وڃي، ناظم جوکيو جي خون سان انصاف ٿيڻ گهرجي، محمد مراد چانڊيو ليکو ته جي آءِ ٽي ڀلي ٺهڻ گهرجي پر عدالتن ۾ ڪيس جي ڊيگهه سبب انصاف وٺڻ وارو ٿڪجي پئي ٿو ۽ مجبوري ۾ فيصلي تي راضي ٿي وڃي ٿو.