نيٺ ٿيندو ڇا ؟….. سوال/ سروي … نواز شريف جو پلڙو پ پ تي ڀاري پيو لڳي، وڌيڪ وقت اچڻ تي خبر پوندي، هي اليڪشن نه پر سليڪشن آهي: عوام

0
119
نيٺ ٿيندو ڇا ؟..... سوال/ سروي ... نواز شريف جو پلڙو پ پ تي ڀاري پيو لڳي، وڌيڪ وقت اچڻ تي خبر پوندي، هي اليڪشن نه پر سليڪشن آهي: عوام

 دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته نواز شريف ڪوئيٽا پهچي ويو، بلاول  به سرگرم: اليڪشن جي حوالي سان موجوده سياسي سرگرمين کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته نواز شريف جو پلڙو پيپلزپارٽي تي ڀاري پيو لڳي وڌيڪ وقت اچڻ تي خبر پوندي، هي اليڪشن نه پر سليڪشن آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي پيار علي چانڊيو لکيو ته اليڪشن سرگرمين يا ان کان اڳ وارين اليڪشن ۾ صوبا ورھايل آھن سنڌ پ پ حوالي پنجاب ن ليگ حوالي سرحد اچڪزئي حوالي باقي بلوچستان ۾ گڏيل طور حڪومت ٺھي ٿي اتي مينگل سردارن جي سھڪار سان ھر پارٽي پنھنجا ماڻھو آڻي ٿي بهرحال موجوده وقت بلوچستان ۾ ن ليگ ھجي يا پ پ ھُجي اليڪشن کان اڳ کٽڻ جي ڪا دعويٰ نه ڪري ڇو ته آزاد اميدوار ڪجھه به ڪري سگھن ٿا، ثناءُالله چنا لکيو ته اسان جي ملڪ ۾ اليڪشن نه سليڪشن ٿيندي آهي پوءِ اسٽيبلشمينٽ جنهن کي سليڪٽ ڪري پ پ جا چانسز وڌيڪ آهن بهرحال وقت اچڻ تي خبر پوندي ڪير ٿو ميدان ماري ڪامريڊ عاشق رند لکيو ته هن وقت ڏٺو وڃي ته نواز شريف جا امڪان وڌيڪ آهن ڇو جو نواز شريف کي عوام گهڻو چاهي ٿو نواز جي حڪومت ۾ غريب عوام ٽيڪيل هو سستائي پنهنجي جاءِ تي ڌاڙا ڦرون نه هيون جيئن اڄ ڪلهه ماڻهو جي گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي دل ئي نٿي چوي، اياز کهاوڙ لکيو ته هن دفعي پپلزپارٽي جي واري آهي ڇاڪاڻ اسان جي ملڪ ۾ ڏي وٺ جو چڪر گھڻو استعمال ڪيو ويندو آهي هن دفعي 5سال نواز ليگ کي مليا ته وري 5سال به پ پ کي.ائين هن دفعي پپلزپارٽي کي وڏي سرڪار طرفان آزمايو ويندو، مراد علي لکيو ته نوازشريف يا بلاول ڀلي پوري ملڪ جو دورو ڪن پر اقتدار انهيَ کي ملندو جنهن تي اسٽبلشمينٽ جو ھٿ ھوندو موجوده صورتحال مان لڳي ٿو نوازليگ جو پلڙو پيپلزپاٽي کان ڀاري آهي،جاويد جان ڪيريو لکيو ته اليڪشن جو صرف نالو آ باقي ٿيندي ھر دفعو سليڪشـن آ جنھن تي اسٽبلشمينٽ مهربان ٿيندي حڪومت ان جي ئي هوندي، گدا حسين لکيو ته في الحال هن وقت جي صورتحال کي ڏٺو وڃي ته نواز ليگ جو پلڙو ڀاري آهي، وڌيڪ وقت اچڻ تي خبر پوندي، ڄام فقير رند لکيو ته نواز شريف کٽي ويندو عوام کي خبر آهي، قربان علي ميراڻي لکيو ته في الحال ھن وقت جي صورتحال کي ڏٺو وڃي ته نوازليگ جو پلڙو پيپلز پارٽيءَ کان ڀاري پيو لڳي وڌيڪ وقت اچڻ تي خبر پوندي، نقاش پيرزادو لکيو ته بلاول کي سنڌ ۾ ٽف ٽائيم مليل اٿس اليڪشن ۾ جي يو آءِ .جي ڊي اي. ايم ڪيو ايم. ن ليگ طرفان باقي نواز شريف پنھنجي صوبي کي سينگاريو آھي ملڪ کي سينگاري ويندو، حاڪم لکيو ته اليڪشن نه ڪرائن سليڪشن ڪرائي بس جان ڇڏائين، علي حسن ٽالپر لکيو ته هي اليڪشن نه سليڪشن آهي.