نيوڇور ۾ جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ جارحاڻي راند، اسد جمال اليون چيمپئن بڻجي وئي

0
208

نيوڇور( ن پ ا) نيوڇور ويجھو ڳوٺ کيت سنگھه گاباريو ولي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ڪرايل ٽيپ بال جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جو فائنل ٿر ينگسٽر ڪرڪيٽ ڪلب ڇور ۽ اسد جمال اليون ڪرڪيٽ ڪلب ڇور ڪينٽ وچ ۾ ٿيو. ٿر ينگسٽر ڪرڪيٽ ڪلب ڇور پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 12 اوورن ۾ 135رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي جنھن ۾ الطاف آريسر 35 رنسون ٺاھيون. جواب ۾ اسد جمال ڪرڪيٽ ڪلب ڇور ڪينٽ نائين اوور جي چوٿين بال تي ھڪ وڪيٽ جي نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري فائنل کٽي ورتو. اسد جمال 85 ناٽ آئوٽ رنسون ٺاھيون. آخر ۾ مھمان خاص جانب ھاليپوٽو، سومار سومرو، ابراھيم سومرو، اصغر منڱريو، رحيم منڱريو، منير ڪنڀر، رحيم ڀيو ۽ ٻين ونر ٽيم جي ڪپتان اسد جمال، رنراپ ٽيم جي ڪپتان امتياز سومرو کي ٽرافيون ۽ ڪيش پرائز، مين آف دي مئچ اسد جمال، مين آف دي سيريز انور پٺاڻ، بيسٽ بيٽسمين اسد جمال، بيسٽ امپائرز برڪت منڱريو ۽ جاويد انڙ، بيسٽ اسڪورز شوڪت منڱريو، بيسٽ ڪامينٽيٽر استاد ھاشم ڪنڀر کي ٽرافيون ۽ شيلڊون ڏنيون.