نيوسعيدآباد (ن پ ا) نيوسعيدآباد ويجھو  ڳوٺ اڳرو راھو ۾ سيد جمن شاھ جي پاڻي جي موٽر جي چوري بعد  کوجي ڪتن ذريعي چورن جا پيرا  کڻايا ويا، پيرا ڪوري برادري جي گھرن ٻاهران لڳا ته  سيد ۽ ڪوري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، لٺيون لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا 3 ڄڻا عبدالوھاب ڪوري، سيد جمن شاهه ۽ انجو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.