ڪنگسٽن (اسپورٽس ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر ٽرينٽ بولٽ چيو آهي ته هي سندس آخري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ آهي. پنهنجي بيان ۾ نيوزيلينڊ جي بهترين فاسٽ بالر ٽرينٽ بولٽ چيو آهي ته هي منهنو آخري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ آهي، ٽيم جي ناڪامي تي ڏُکارو آهيان. واضح رهي ته نيوزيلينڊ جي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي چڪي، ڪيوي ٽيم کي پهرين ميچ ۾ افغانستان هٿان به شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو، جڏهن ته ته ٻي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز نيوزيلينڊ کي 13 رنز تان شڪست ڏني هئي.

 

 

 

 

 

ميگا ايونٽ ۾ لاڳيتو ٻه ميچون هارائڻ کانپوءِ نيوزيلينڊ جو سفر گروپ اسٽيج تي ئي تمام ٿي ويو، ٻه ميچون هارائڻ بعد نيوزيلينڊ هڪ طرفي مقابلي بعد يوگنڊا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.