نينگر زين العابدين جو قتل ڪيس… ڪجھ سوال!

0
41
نينگر زين العابدين جو قتل ڪيس... ڪجھ سوال!

ريجنٽ ڪالوني مدينا محلي سکر جي رھواسين معصوم نينگر زين العابدين جي والدين سان گڏجي 27 مارچ تي قتل کانپوءِ مقتول نينگر جو لاش رکي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو ويو. ڇو جو اُن وقت مظاھرين الزام مڙھيو ھو ته پوليس بااثر ماڻھن کي بچائڻ چاھي ٿي. جنھن دوران ايس ايس پي عابد بلوچ مظاھرين وٽ پھتو ۽ ھن جي ھڪ وڊيو گهڻي وائرل ٿي، جنھن ۾ ھو مقتول نينگر جي معصوم ڀاءُ کي چئي رھيو آھي ته، “انھن کي مان ماريندس، مان ماريندس”.  عوام جي ذھنن تي اُن وقت ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۾ تڏهوڪي ايس ايس پي امجد احمد شيخ جي ڪارروائي اُڀري آئي. شايد مبينا زيادتي بعد قتل ڪيل نينگر جي قاتلن جو انجام به ائين ئي ٿيندو. پر پوليس جھڙي انداز ۾ ڪيس حل ڪرڻ جي دعوا ڪئي آھي، اُھو ڪنھن جي به سوچ، ذھن ۽ دماغ ۾ نه ھو. ايس ايس پي سکر جي خاطريءَ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ نينگر جو والد محمد صادق صديقي سي سيڪشن ٿاڻي تي پھتو. جنھن ڪجھ ڪلاڪ اڳ ڏنل بيان کي ڇڏي ٿاڻي تي صرف ياسين ناپر، خالد، خادم ۽ ھڪ نامعلوم جوابدار مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائي. جنھن مان اھو تاثر مليو ته پوليس انھن بااثر بچائڻ ۾ ڪامياب وئي، جنھن جو مظاھري وقت مقتول جو والد نالو کڻي رھيو ھو. اھو تاثر حقيقت ۾ تڏھن تبديل ٿيو، جڏھن پوليس پاران جوابدار ياسين ناپر جو وڊيو بيان منظر عام تي آندو ويو. جنھن ۾ جوابدار واقعي کي اتفاق قرار ڏئي رھيو آھي. پوليس اُن اعترافي بيان آڌار ڪيس کي 30 ڪلاڪن اندر حل ڪرڻ جي دعوا ڪئي ۽ اي ايس پي سٽي محمد عثمان پريس ڪانفرنس ڪئي ته اوطاق مالڪ خلاف ذري برابر به ثبوت ناھن، پر اوطاق کي سيل ڪيو ويو آھي ۽ تالي جي چاٻي ايس ايڇ او وٽ موجود آھي. جڏھن پريس ڪانفرنس ختم ٿيڻ کانپوءِ اسان نينگر جي تڏي تي پھتاسين ته اُن جاءِ جو تالو کليل ھو، جاءِ کي سيل نه ڪيو ويو ھو. اي ايس پي سٽي جڳھ سيل ڪرڻ جو ڪوڙو بيان ڇا جي لاءِ ڏنو ويو؟ ڇا پوليس جي مٿان ڪو دٻاءٌ ھو؟ اي ايس پي سٽي محمد عثمان جو چوڻ ھو ته اُھا اوطاق اينٽي ڪرپشن سکر جي سرڪل آفيسر شاھد کوسي جي آھي، اُھو ھٿيار ھو سجاوٽ جي لاءِ وٺي آيو آھي، جنھن جي غيرموجودگيءَ ۾ واقعو پيش آيو آھي. ميڊيا کي ڏنل بيان ته پوليس بااثر ماڻھن کي بچائڻ چاھي ٿي، واري سوال جي جواب ۾ اي ايس پي سٽيءَ جو چوڻ ھو ته اسان وٽ وڊيو بيان موجود آھن. وارثن جن جن جا نالا ڏنا آھن، اُنھن کي ايف آءِ آر ۾ شامل ڪيو ويو آھي، وارثن کي پوليس اھو به چيو ته جيڪڏھن ڪنھن ٻئي جو نالو ڏيڻ چاھيو ته ڏئي سگھو ٿا پر ھنن انڪار ڪيو. جنھن تي مون اي ايس پي سٽيءَ کان سوال ڪيو ته ڇا ھي بااثر ماڻھن کي بچائڻ لاءِ وڊيو رڪارڊ ڪئي وئي آھي؟ ڇا اھڙي ايف آءِ آر ۾ فرياديءَ جو وڊيو بيان رڪارڊ ڪيو ويندو آھي؟ جنھن تي اي ايس پي سٽي جواب ڏنو ته مظاھرين بار بار ڌرڻا ھنيا، اِن ڪري وڊيو رڪارڊ ڪئي وئي. جيتوڻيڪ مظاھري ۾ مقتول جي والد ۽ مظاھرين الزام مڙھيو ھو ته اُھا اوطاق شراب واپرائڻ جي لاءِ استعمال ٿيندي آھي، سڀني کي خبر آھي پر بااثر آھن، ان ڪري پوليس انھن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي.

جنھن رات معصوم نينگر جو قتل ٿيو، پھرين ڏينھن تڏي تي پھتاسين. جِتي پورو پاڙو پھتل ھو. پاڙي وارا به اڻ سڌي طرح اِن ڳالھ جي تصديق ڪري رھيا ھئا ته بااثر آھن، ڪجھ به نه ٿيندو. مقتول جي وارثن قتل واري ڏينھن ميڊيا آڏو جيڪي بيان ڏنا، اُن بعد ھاڻي پوليس کي ڏنل بيان کان علاوه باقي خاموشي اختيار ڪيل آھي.

اي ايس پي سٽي جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ اسان مقتول جي والد محمد صادق وٽ پھتاسين ته اوھان جيڪو موقف اختيار ڪيو ھو ته اُن جي ابتڙ پوليس جاچ ڪئي آھي، اوھان ڪجھ چوڻ چاھيو ٿا. ته اُن جي جواب ۾ ھن جو چوڻ ھو ته مان صدمي ۾ آھيان، پوليس جي جاچ مان مطئمن آھيان، اوھان منھنجي وڪيل سان ڳالھايو. نينگر زين العابدين جو والد فروٽ جو ريڙھو ھلائيندو آھي، ڪرائي جي گھر ۾ ويٺل آھي، کيس پٽ ۽ نياڻيءَ جو اولاد آھي. علائقي ۾ چوٻول آھن ته ھن تي دٻاءُ وجهي ۽ لالچ ڏئي خاموش ڪرايو ويو آھي. مبينا بدفعليءَ بعد قتل واري معاملي کي اتفاق قرار ڏنو ويو آھي پر اِن باوجود مقتول نينگر جي والدين جو پوليس جي جاچ مان مطمئن ھجڻ واري بيان کان علاوه ڪو بيان سامھون ناھي آيو. حيرت جھڙي ڳالھ اِھا به آھي ته جنھن وقت نينگر جي وارثن کي تڏي تي ويھي تعزيت وصول ڪرڻ گھرجي ھا، اُن وقت انھن کي ايس ايس پي آفيس سکر ۾ ڪيس حل ڪرڻ تي اجرڪون پارائڻ لاءِ گھرايو ويو. ايس ايس پي سکر عابد علي بلوچ ۽ ايس ايڇ او سي سيڪشن کي مقتول نينگر جي والد اُجرڪ پارائي. اِن متعلق سکر پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ دعوا ڪئي وئي ته 13 ورھين جي نينگر زين العابدين جي معصوم ڀاءَ سان ايس ايس پي سکر عابد بلوچ پاران ڪيل واعدو نڀائڻ تي سندس وارث ايس ايس پي آفيس پھچي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ تي ايس ايس پي جو شڪريو ادا ڪرڻ سان گڏ کيس اجرڪ پارائي.

نينگر جي قتل کان ھن وقت تائين ٿيل پوليس جي جاچ متعلق ڪجھ سوال ماڻھن جي ذھنن ۾ موجود آھن ته آخر پوليس کي اھڙي ڪھڙي تڪڙ ھئي جو جاچ مڪمل ٿيڻ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪرڻي پئي؟ مقتول جي والد پاران ايف آءِ آر کان اڳ جيڪي نالا کنيا ويا، اُن تي آخر پوليس جاچ ڪرڻ جي زحمت ڇو نه ڪئي؟ جيڪڏھن جِتي واقعو پيش آيو، اِھا جاءِ ۽ ھٿيار ڪنھن عام ماڻھوءَ جو ھجي ھا ته ڇا پوليس پوءِ به ائين ئي ڪري ھا؟ پوليس نينگر جي والد پاران داخل ڪرايل ايف آءِ آر تي جاچ ڪرڻ جيتري به زحمت ڇو نه ڪئي؟ ڇو ايف آءِ آر جي متن کي نظر انداز ڪري الزام ھيٺ آيل صرف جوابدار ياسين ناپر جي اعترافي وڊيو بيان تحت ڪيس حل ٿيڻ جي دعوا ڪئي وئي.؟ ايتري حد تائين جو نينگر تازو قتل ٿيو. شايد ٽيجھي واري ڏينھن ئي ايس ايس پي سکر تڏي تي وڃي دعا ڪرڻ، ڏک جو اظھار ڪرڻ بجاءِ نينگر جي والد، امڙ سميت گھر ڀاتين کي پنھنجي آفيس گھرائي پاڻ ته انھن جي ھٿان اجرڪ پھري پر ايس ايڇ او کي به پارائي. آخر ايتري تڪڙ، جلدي، بي صبري ڪھڙي هئي؟ جيڪڏھن پوليس جي موقف کي تسليم ڪجي ته پوليس ڪيس حل ڪري ورتو يا نينگر جي والدين کي گھرايو نه ويو پر ھو پاڻ آفيس پھتا ته ڇا ھي وقت ھو اُجرڪون پائي پنھنجي واھ واھ ڪرائڻ جو؟ مٿي اُٿاريل ڪجھ سوال مون سميت ماڻھن جي ذھنن ۾ مونجھاري جي صورت ۾ موجود آھن. اميد آھي ته آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ،  ڊي آءِ جي سکر عبدالحميد کوسو، ايس ايس پي سکر عابد علي بلوچ ۽ اي ايس پي سٽي محمد عثمان انھن جا جواب ضروري ڏيندا.