سجاول (رپورٽر) نيب ڪراچي سنڌ نمبر 02 جي عدالت مختيارڪار جاتيءَ کي هرصورت ۾ گرفتار ڪري 28 جولاءِ تي پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي سندس ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. انهي سلسلي ۾ نيب عدالت ريفرنس نمبر 42/2015 ۾جوابدار ڄاڻايل مختيار ڪار جاتي رفيق ميمڻ کي عدالت ۾ حاضريءَ تان لڳاتار غير حاضر رهڻ تان سخت ناراضگيء جو اظهار ڪندي سندس ناقابل ضمانت گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت لاڳاپيل ادارن کي سختي سان حڪم ڪيو آهي ته 28 جولاءِ 2021 تي هر صورت ۾ کيس گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي. جڏهن ته جاري ڪيل وارنٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار مختيارڪار جاتي رفيق ميمڻ ڄاڻايل ريفرنس جي ٻڌڻين تي لڳاتار پيش نه ٿي رهيو آهي.