سکر (بيورو رپورٽ) ڪنڌڪوٽ جي رهواسين نيب سکر خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ورتي، عدالت چيئرمين نيب ۽ ڊي جي نيب سکر کي 6 آڪٽوبر تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ڪنڌڪوٽ جي علائقي مرزا خان واسي عبدالحق سانگرو، ذوالفقار علي ۽ ٻين طرفان داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران درخواست گذار جي وڪيل ديدار حسين چوهاڻ موجب اسان جي وڏڙن کاتي واري زمين اسڪول لاءِ ڏني هئي، نيب جعلي کاتو ڄاڻائي ڪوڙو ريفرنس داخل ڪيو آهي. وڪيل موجب ڪنڌڪوٽ جي مرزا خان محلي ۾ واقع پلاٽ سنڌ سرڪار کي اسڪول لاء ڏنو ويو هو، سنڌ سرڪار طرفان معاوضو نه ڏيڻ تي درخواست گذارن عدالت سان به رجوع ڪيو هو، ذاتي کاتي واري زمين متعلق نيب 8 ڄڻن خلاف ريفرنس داخل ڪيو آهي. وڪيل ديدار چوهاڻ عدالت ٻڌڻي دوران ڊي جي نيب کي طلب ڪيو، جنهن تي عدالت ۾ موجود نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ڊي جي نيب ڪراچي ويل آهي، جنهن بعد عدالت ڌر ڄاڻايل چيئرمين نيب، ڊي جي نيب سکر کي 6 آڪٽوبر تي جواب پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.