ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب ريفرنسز، انڪوائرين، فوجداري ۽ ڊپارٽمينٽل انڪوائرين ۾ ملوث سرڪاري آفيسرن کي اهم عهدن تي مقرر ڪرڻ خلاف حاجي اياز ميمڻ پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل پاران پيش نه ٿيڻ تي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ياد رهي ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت نيب ريفرنسز، انڪوائرين، فوجداري ۽ ڊپارٽمينٽل انڪوائرين ۾ ملوث سرڪاري آفيسرن خلاف کاتيوار ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو، عدالت سمورن سيڪريٽرين کان عدالتي حڪمن تي عملدرآمد بابت رپورٽ پڻ طلب ڪئي هئي.