ڪراچي (پ ر) نيامي ۾ مقرر پاڪستان جي سفير احمد علي سروهي 36 گريجوئيٽس کي ڊگريون، ميڊلز، ايوارڊز ۽ تعريفي سندن سان نوازيو. الياني ڪانووڪيشن جو بندوبست نائيجر جي انسٽيٽيوٽ فار ٽريننگ آف انفارميشن اينڊ ٽيڪنيڪس پاران ڪيو ويو. نائيجر جي انسٽيٽيوٽ پاران جوڙيل پروگرامن ۾ 60 شاگردن کي ڊگريون ڏنيون ويون. پاڪستان جي سفارتخاني طرفان نائيجر ۾ پهرين پوزيشن هولڊرز کي ايوارڊ آف ايڪسيلنس، ٻئي پوزيشن هولڊرز کي ميڊل آف ميرٽ ۽ ٽئين پوزيشن هولڊرز کي تعريفي سندن سان نوازيو ويو. گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان جي سفير احمد علي سروهي تعليم مڪمل ڪندڙ شاگردن ۽ ايوارڊ حاصل ڪندڙ شاگردن کي مبارڪون ڏنيون. هُن شاگردن ۾ مثبت نقطه نظر پيدا ڪرڻ جي ڪوششن ۾ انتظاميا جي ڪوششن کي به ساراهيو. پاڪستان جي سفير، فوڪسڊ تعليم جي نقطه نظر کي به ساراهيو ۽ چيو ته شاگردن کي اعليٰ تعليم ۽ عملي زندگي لاءِ پنهنجا هدف طئي ڪرڻ، پنهنجن والدين ۽ استادن جي اميدن تي پورو لهڻ گهرجي. انسٽيٽيوٽ فار ٽريننگ آف انفارميشن اينڊ ٽيڪنيڪس نائيجر جي سربراهه الياسو تعليم، تحقيقي ۽ هم نصابي سرگرمين ۾ اداري جي ڪردار تي روشني وڌي. سندس چوڻ هو ته تحقيقي سرگرمين ۽ تحقيقي مقالن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. اعليٰ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ 36 شاگردن کي اعزازن ۽ انعامن جي فراهمي تي پاڪستان جي سفير جا ٿورا مڃيا.