اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آخر ڪار قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي چيئرمينن جي چونڊ جو عمل شروع ٿي ويو آھي  ڇهن ڪاميٽن جا چيئرمين چونڊجي ويا، اڄ خميس ڏينهن به پنج کان وڌيڪ ڪاميٽين جا چيئرمين چونڊن لاءِ تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. پيپلزپارٽي اڳواڻ سيد نويد قمر ناڻي بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو. پيپلزپارٽي جو اعجاز حسين جکراڻي  مواصلات بابت اسٽيڊنگ ڪاميٽي، پيپلزپارٽي جو عبدالقادر پٽيل جهاز راني بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي، پيپلزپارٽي جي حنا رباني کر قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرپرسن ، پيپلزپارٽي جو  ڊاڪٽر مهيش ڪمار نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو چيئرمين  جڏهن ته باپ جو خالد حسين مگسي قومي اسيمبلي جي پاڻي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو. ٻئي طرف رانا ارادت شريف کي قومي اسيمبلي جي پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو آھي  جڏهن ته اڄ خميس ڏينهن تي پڻ قومي اسيمبلي جي پنجن کان وڌيڪ ڪاميٽين جا چيئرمين چونڊيا ويندا.