ڪراچي(نمائندن وٽان) مختلف شهرن ۾ نوشين قتل خلاف احتجاجي مظاهرا، ريليون، ڌرڻا. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ رواداري تحريڪ جي ڪارڪنن سليم شيخ ۽ شمن شيخ هٿن ۾ تئو کڻي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. ڏوڪري ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف، ڊاڪٽرن، ويڪسينيٽرن، ليڊي ھيلٿ ورڪرن نادر حسين جوڻيجو، استاد اياز منگي، ضمير جتوئي، ماسي غلام فاطمه، باجي شھربانو، باجي تسليم جي اڳواڻي ۾ اسپتال کان ريلي ڪڍي مين گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. دادو ۾ نوشين واقعي خلاف سنڌ پروفيسرن ۽ ليڪچرار ايسوسيئيشن جي سڏ تي پروفيسر بينظير جمالي، نبيلا ميمڻ، منصور ميراڻي ، قاضي  سڪندر ۽ محمد يامين جمالي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ۽ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي مظاهرو ڪيو ويو. سنڌي شاگرد تحريڪ (ڪيو اي ٽي) جي سڏ تي حيدرآباد ۾ صدام سنڌي، دانش پرمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ دانش سهرياڻي، برڪت کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. وارهه ۾ عبدالحفيظ تنيو، ظهير ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٺل ۾ منٺار علي، زاهد ۽ احسان جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڪيو ويو. جيڪب آباد ۾ عثمان سومرو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. لاڙڪاڻو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جا شاگردن اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي (سي ايم سي) لاڙڪاڻو پاران ٽئين ڏينهن به چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کان ايس ايس پي چوڪ لاڙڪاڻو تائين نوشين ڪاظمي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. ريلي جي اڳواڻي عمران ٻرڙو، اويس ڏاهاڻي، وقار کوسو، يار محمد عباسي، آفاق جلباڻي، صداقت گمب، مجاهد جمالي، محمد عمر آرائين، عرفان ڦلپوٽو، پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران خان غفار خان ۽ ٻين ڪئي. موجوده وي سي جون شاگرد دشمن پاليسيون آهن، شاگردياڻين کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي جڏهن ته نوشين واقعي تي پڻ مڪمل طور تي لاتعلق آهي. هنن وڌيڪ چيو ته فوري طور تي وي سي کي هٽايو وڃي ۽ نوشين ڪاظمي جي قتل جي جاچ شفاف ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.