لاهور (شوبز نيوز) نوشين شاهه ياسر ۽ اقرا عزيز جي شادي ۾ گهرائڻ بابت پڇيل سوال جواب جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ڪيترن ئي درامن ۾ معاون اداڪاره طور جلوه ڏيکاريندڙ نوشين شاهه تازو ئي هڪ ويب چينل کي انٽرويو ڏنو جنهن جو هڪ وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي. وڊيو ۾ ان کان هڪ سوال ڪيو ويو ته ڇا اوهان کي ياسر ۽ اقرا جي شادي ۾ گهرايو ويو هو؟ ان تي اداڪار صبر سان سوال ٻڌو ۽ چيو ته اسان ٻئي سوال طرف وڌي سگهون ٿا.؟ميزبان زور ڀريو ته نوشين چيو ته مان غير ضروري ماڻهن کي اهميت ناهيان ڏيندي. هاڻ سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو آهي. ان باري ۾ ڪابه ڳالهه نٿي ڪرڻ چاهيان. ياد رهي ته اداڪار ياسر حسين هڪ پروگرام جي دوران اعتراف ڪيو هو ته نوشين شاهه بنا دعوت جي مهمان طور ان جي شادي ۾ شرڪت ڪئي هئي. جواب ۾ نوشين شاهه سڌو سنئون ڪوبه رد عمل ڏيڻ کان پاسو ڪيو پر ياسر حسين کان معافي گهرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.