نوشهرو فيروز ۾ مڪاني چونڊن جون سرگرميون عروج تي پهتل: شهر پينافليڪس سان سينگارجي ويا

0
248
نوشهرو فيروز ۾ مڪاني چونڊن

نوشهروفيروز (رپورٽ: زاھد راڄپر) ضلعي نوشهروفيروز ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جو چھچٽو عروج تي پهتل آهي، شھرن کي پينا فليڪس سان سينگاريو ويو آھي ۽ ڪارنر گڏجاڻيون به ڪيون پيون وڃن

ضلعي جي 68 يونين ڪائونسلن مان ٽي يونين ڪائونسلون ڀورٽي، مڃٺ، اولڊ گچيرو تي اميدوار مڪمل طور بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آھن، جڏھن ته ھڪ يونين ڪائونسل خالصو تي چيئرمين وائيس چيئرمين سميت ھڪ ڪائونسلر بنا مقابلي ڪامياب ٿيو آهي

اھڙي طرح ضلع اندر ٽوٽل 56 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن جڏھن ته باقي ٻه ھزار کان وڌيڪ اميدوار ميدان تي لٿل آھن. ضلع اندر پنج عورتون به چيئرمين ۽ جنرل ڪائونسلر تي اميدوار آھن، انھن ۾ يونين ڪاؤنسل ليٽ تي مسمات ڪوثر پروين چانڊيو جي ڊي اي جي چيئرمين جي اميدوار آھي

ھي پھريون ڀيرو آھي جو ھڪ عورت ٻھراڙي جي يوسي تي چيئرمين جي اميدوار آھي، ميونسپل ڪاميٽي نوشهروفيروز جي وارڊ 14 تي ماھنور شيخ آزاد اميدوار، ٽائون ڪاميٽي ڪنڊيارو جي وارڊ 11 تي ڪوثر گھانگھرو آزاد اميدوار، يوسي لنڊڪي تي فائزه زرداري آزاد اميدوار ۽ ٽائون ڪميٽي ڀريا تي مسمات رحمت ڪلھوڙو پ پ جي اميدوار آھي

ضلع اندر يوسي ڪئنچي جاگير ۾ وارڊ نمبر 2 آھي تي ڪنھن به اميدوار نامزدگي فارم جمع ناھي ڪرايو. ضلع اندر اميدوار سوشل ميڊيا کي ڀرپور نموني استعمال ڪري رھيا آھن، جڏھن ته بنا مقابلي ڪامياب ٿيل سمورن اميدوارن جو تعلق پيپلز پارٽيءَ سان آھي