نوشهروفيروز (رپورٽ: زاهد راڄپر) نوشهرو فيروز ويجهو هڪ ايڪڙ زمين تان سئوٽن ۾ جهيڙو، معمولي منهن ماري بعد فائر ۾ 2 نوجوان قتل، جوابدار پيءُ پٽ گرفتار، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ لھڻو چانڊيو  ۾ زمين جي هڪ ايڪڙ جي تڪرار تان ٽن سئوٽن ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران هڪ سئوٽ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه نوجوان سئوٽ وسيم ۽ امين چانڊيو ٿڏي تي مارجي ويا، اطلاع تي نوشهروفيروز پوليس واقعي واري هنڌ پھچي مقتول نوجوانن جا لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، ھڪ ئي گھر ۾ ٻن نوجوانن جا لاش آندا ويا ته ڪھرام مچي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته ٽن سئوٽن ۾ ھڪ ايڪڙ زمين جي مالڪي تان تڪرار ھلندڙ ھو، ڪالهه گهر ۾ معمولي تلخ ڪلامي بعد جوابدار مھتاب چانڊيو ٻن سئوٽن مٿان پسٽل جا فائر ڪيا، جنھن ۾ هو ٻئي مارجي ويا، نوشهروفيروز پوليس بروقت ڪارروائي ڪري جوابدار مھتاب چانڊيو ۽ سندس پيءُ شهمور چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولن جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ ناھن پھتا، جيئن ئي اھي ايندا ته ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.