نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز شھر گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي، جڏھن ته ھر طرف ڪچري جا ڍير لڳي ويا آھن، جنهن ڪري شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ان ڏس ۾ ڪالهه گندگيءَ خلاف سماجي ڪارڪنن گند جو ڍير کڻي ميونسپل ڪاميٽي نوشهروفيروز پھتا ۽ سي ايم او آفيس اندر ڪچرو اڇلائي احتجاج ڪيو، ان موقعي تي سماجي اڳواڻن ماهه نور شيخ، ذوالفقار راڄپر ۽ ٻين چيو ته سڄو شھر ڪچري جو ڍير بڻيل آهي پر انتظاميا ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته گندگي سبب اچ وڃ جا رستا بند آھن، هنن مطالبو ڪيو ته صفائي ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.