نوري آباد ڀرسان مسافر بس ۽ ڪوسٽر ڪلٽي، پيءُ پٽ سوڌو 5 مسافر فوت، ڪيترائي زخمي

0
61
نوري آباد ڀرسان مسافر
نوري آباد ڀرسان مسافر

نوري آباد ويجهو برسات دوران مسافر ڪوچ ۽ ڄاڃين سان ڀريل ڪوسٽر ڪلٽي، موٽر وي تي  حادثي سبب شهدادڪوٽ واسي پيءُ پٽ سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا

واقعن ۾ 35 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا،  فوتين جا لاش حيدرآباد ۽ زخمي ڪراچي اسپتال منتقل ڪيا ويا

 فوتين ۾ شهدادڪوٽ واسي علي جان مگسي، سندس  5 سالن جو پٽ مجاهد، اڪبر مگسي، دريا خان  مري  واسي غلام شبير چانڊيو ۽ هڪ عورت  شامل

زخمين ۾ خدابخش، منور علي، محمد يعقوب، فرزانا، ندا،  ڪوڙل، شمائلا، مشيران، ثانيا، شهربانو ۽ ٻيا شامل آهن

حادثي جو شڪار ڪوچ ڪرچي کان شهدادڪوٽ  ۽ ڄاڃين سان ڀريل ڪوسٽر  دريا خان مري طرف وڃي رهيو هو، ڪوسٽر ۾ سوار گهوٽ جو پيءُ اجل جو شڪار، شاديءَ جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون

نوري آباد حادثي جا 14 زخمي حيدرآباد جي سول اسپتال منتقل، زخمي تڙپندا رهيا، ڊاڪٽرز ۽ عملو غائب رهيو، وارثن جو احتجاج

 زخمين  جو بهتر علاج نه ٿيڻ ۽ سهولتون  نه ملڻ جون دانهون،  وارثن موجب زخمي تڙپي رهيا آهن، سندن علاج نه ٿو ڪيو وڃي، سِرنج کان ويندي هر شئي ٻاهران وٺي اچڻي پوي ٿي