ايمسٽرڊيم (دلچسپ نيوز) نوجوان پيزا ۽ اسڪيٽ بورڊ سان گاڏي ٺاهي ورتي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هالينڊ ۾ سائمن ڪوش نالي نوجوان پيزا ۽ اسڪيٽ بورڊ جو شوقين آهي، نوجوان پنهنجي ٻنهي پسنديدا شين کي ڳنڍي انوکي گاڏي ٺاهي ورتي. ان حوالي سان نوجوان جو چوڻ آهي ته مونکي گاڏي ٺاهڻ ۾ 6 مهينا لڳي ويا پر تجربو ڪامياب ٿي ويو، پيزا اسڪيٽ گاڏي جي قيمت 800 ڊالر رکي آهي. سائمن ڪوش ٻڌايو ته  گاڏي خريد ڪرڻ لاءِ خريدارن جي وڏي رش لڳي وئي آهي پر پيزا اسڪيٽ هلائڻ آسان ناهي ڇاڪاڻ ته ان جو وزن عام اسڪيٽ بورڊ کان ٽيڻ تي وڌيڪ آهي.