نيويارڪ (دلچسپ نيوز) نوجوان وڪي پيڊيا لاءِ مختلف موضوعن تي 40 لک مضمون لکي رڪارڊ جوڙي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سموري دنيا ۾ معلومات حاصل ڪرڻ جو آسان ذريعو سمجهيو ويندڙ آن لائن انسڪائيلو پيڊيا ۽ وڪي پيڊيا آهن. اها انسائيڪلو پيڊيا هزارين رضاڪارن جي مدد سان ترتيب ڏني ويندي آهي پر ڇا اوهان ان رضاڪار کي سڃاڻو ٿا جيڪو هن مهل تائين وڪي پيڊيا جا 40 لک مضمون لکي چڪو آهي. اسٽيون پروٽ نالي اهو آمريڪي شهري دنيا جو انوکو ترين رڪارڊ رکندڙ آهي. اهو پاڻ وٽ وڪي پيڊيا جي صفحن ۾ سڀ کان وڌيڪ حصيدار آهي. پنهنجي ڪمري ۾ ويهي اهو هن وقت تائين 35 هزار کان وڌيڪ مضمون ياصفحن جي ايڊيٽنگ ڪري چڪو آهي جڏهن ته 40 لک مضمون پڻ لکي چڪو آهي. آمريڪي رياست ورجينيا جي هڪ ننڍي ڳوٺ سان لاڳاپيل اسٽيون پروٽ معمولي ملازمت ڪندو آهي ۽ عام زندگي گزاري ٿو پر سندس ڪلهن تي انتهائي ڏکيو مشن کنيل آهي. 16 سال اڳ 2005 ۾ جڏهن اسٽيون يونيورستي ۾ تعليم هيٺ هو ته سندس نظر انٽرنيٽ تي ان گمنام انسائيڪلو پيڊيا تي پئجي وئي وڪي پيڊيا جي شروعات 2001 ۾ ٿي هئي انڪري 4 سالن دوران تمام محدود ماڻهو ان کان واقف هئا . اسٽيون پروٽ پنهنجي ڏاڏي پيٽر فرانسڪو تي هڪ مضمون لکي رکي ڇڏيو جيڪو آمريڪي فوج ۾ سپاهي هو جنهن بعد هو ان سان جڙي ويو سندس چوڻ آهي ته منهنجي ڏاڏي جي ڪارنامن تي ان کان اڳ ڪنهن به نه لکيو هو انڪري کيس ڀرپور موٽ ملي. هن ٻڌايو ته 16 سالن دوران مون بي شمار موضوعن تي لکيو آهي. هن ٻڌايو ته هو روز پنهنجي فارغ وقت ۾ 3 ڪلاڪ وڪي پيڊيا لاءِ ڪم ڪندو آهي پر اڄ تائين هن ان ڪم جو ڪو به معاوضو نه ورتو آهي.