مورو (ن پ ا) لغاري ويلفيئر اتحاد پاران ڪوٽڙي پوليس پاران بي گناھ کنڀي نوجوان سوشل ورڪر عامر لغاري کي گوليون ھڻي ھاف فرائي ڪرڻ ۽ رشوت گھرڻ واري عمل خلاف موري ۾ ضلعي صدر حضور بخش لغاري، علي اڪبر لغاري، غلام مرتضي’ لغاري، غلام رضا لغاري، ڪريم بخش لغاري، منظور علي لغاري، مقصود لغاري، وزير علي لغاري، بشير لغاري، قربان لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، اڳواڻن جو چوڻ ھو ته سوشل ورڪر نوجوان جيڪو ڪوٽڙي ۽ آسپاس جي علائقن جي غريب ۽ مزدورن جو ساٿ ڏيندو ھو ان کي پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو ۽ پئسن جي گھر ڪئي، اسان جي نوجوان کي گوليون ھڻي ھاف فرائي ڪري زخمي ڪيو، ھنن چيو ته ڪوٽڙي ٿاڻي جي ايس ايچ او خير محمد ملاح کي سسپينڊ ڪري انصاف ڪيو وڃي، ھنن اپيل ڪئي ته نوجوان نوجوان عامر لغاري سان انصاف ڪيو وڃي.