سيوهڻ: نوجوان راشد لاشاري جي چاچي غلام علي لاشاري جي فرياد تي واقعي جو سيوهڻ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،گناهه نمبر 201 قلم 302 تحت پوليس پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ معطل ٿيل ايس ايچ او ذوالفقار اوڍاڻو، اي ايس آءِ انور علي پنهور، پوليس اهلڪارن الهه بخش سولنگي، رياض ملاح، منظور بڙدي ۽ هڪ خانگي شخص فرحان عباسي کي نامزد ڪيو ويو آهي.