حيدرآباد (بيورو رپورٽ) مڪراڻي پاڙي لطيف آباد يونٽ نمبر 7 جي رهواسي پوليس پاران کنڀي گم ڪيل نوجوان جي بازيابي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي. ان موقعي تي خاتون بي بي ۽ ٻين چيو ته نوجوان سعود بلوچ 8 جون ڇنڇر جي ڏينهن رات جو ساڍي 8 وڳي گهر جي ڪم سان ٻاهر ويو ته واپس نه پهتو جنهن تي اسان معلوم ڪيو ته خبر پئي ته پوليس اهلڪار کيس کنڀي ويا آهن جنهن تي اسان حالي روڊ ٿاڻي تي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائڻ وياسين پر حد جو تڪرار ڄاڻائي حالي روڊ ٿاڻي رپورٽ داخل نه ڪئي جنهن بعد مڪي شاهه ۽ اي سيڪشن ٿاڻي تي به وياسين پر پوليس نه ته نوجوان بابت ڪجهه ٻڌايو ۽ نه ئي وري اين سي داخل ڪئي وئي. هنن چيو ته سندن نوجوان ڪنهن به ڏوهي سرگرمي ۾ ملوث ناهي. اسان کي شڪ آهي ته نوجوان کي پوليس فل فراءِ نه ڪري ڇڏي.