نواز ليگ، پيپلزپارٽي، ق ليگ، متحده ۽ باپ پاران گڏجي حڪومت ٺاهڻ جو اعلان

0
55

 نواز ليگ، پيپلزپارٽي، ق ليگ، متحده ۽ باپ پاران گڏجي حڪومت ٺاهڻ جو اعلان، اسلام آباد ۾ شهباز شريف، آصف زرداري، خالد مقبول صديقي، چوڌري شجاعت حسين، صادق سنجراڻي ۽ ٻين جي گڏيل پريس ڪانفرنس، آصف زرداري چيو ته اسان طئه ڪيو آهي ته گڏجي حڪومت ٺاهينداسين ۽ ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍنداسين، چاهيون ٿا پي ٽي آءِ به مصالحت جو حصو ٿئي، اسان هڪٻئي خلاف چونڊ وڙهي آهي، پر ملڪي جي وسيع مفادن ۾ معاشي ايجنڊا تي سڀني کي هڪ ٿيڻو پوندو، شهباز شريف چيو ته نواز شريف کي گذارش ڪندس ته وزيراعظم جو عهدو قبول ڪري، مريم نواز پنجاب ۾ وڏ وزارت جي اُميدوار هوندي، صدر سوڌو ٻين عهدن لاءِ ساٿين سان مشاورت بعد فيصلو ڪيو ويندو، شهباز شريف پاران ٻين پارٽين کي به چارٽر آف اڪانومي جي دعوت