نواز شريف کي موقعو مليو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ترقي جو فرق ختم ڪندو: مريم نواز

0
131
نواز شريف کي موقعو مليو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ترقي جو فرق ختم ڪندو: مريم نواز
نواز شريف کي موقعو مليو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ترقي جو فرق ختم ڪندو: مريم نواز

نواز شريف کي موقعو مليو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ترقي جو فرق ختم ڪندو، سنڌ واسين کي به ترقي، خوشحالي ۽ آسودگي جو حق ملڻ گهرجي، نواز شريف جي آجيان لاءِ ماڻهن جو جوش ڏسي لڳي ٿو سنڌ ۾ نئين نواز ليگ جو بنياد پيو آهي

نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز جو سانگهڙ ۾ ڪارڪنن کي وڊيو لنڪ تي خطاب، مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف 90 جي ڏهاڪي دوران سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ختم ڪيو، سڀ شاهد آهن ته ڪراچي ۾ نواز شريف کي امن بحال ڪرايو

سنڌ وارا لاهور ۽ پنجاب جي ترقي ڏسندا آهن، آئون چاهيان ٿي ته اها ئي ترقي سنڌ جي عوام جو مقدر بڻجي، سنڌ جو عوام نواز شريف کي موقعو ڏيندو ته صوبو ڏينهن ۽ مهينن ۾ ترقي يافتا بڻجي ويندو