نواز شريف کي فوري طور تي ڏيهه واپس اچڻ گهرجي: جليل شرقپوري

0
234

لاهور (ڊيسڪ رپورٽ) مسلم ليگ ن جي ناراض ايم پي اي ميان جليل شرقپوري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وطن واپسي جو مطالبو ڪري ڇيڏو، هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته ن ليگ سان اختلاف آهن جنهن جي ڪري اسيمبلي ۾ ان سان گڏ نٿا ويهي سگهون، ايوام ۾ حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرز جي وچ ۾ حق پرستن جون سيٽون به هجڻ گهرجن، هن مطالبو ڪيو آهي ته نواز شريف کي فوري طور تي ڏيهه واپس اچڻ گهرجي، واضح رهي ته هن کان اڳ جليل شرقپوري جي طرفان پنجاب اسيمبلي ۾ الڳ سيٽن جي لاءِ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي..