نواز شريف جي تازي طبي رپورٽ عدالت ۾ پيش، ڊاڪٽرن کيس سفر کان روڪي ڇڏيو

0
203
نواز شريف جي تازي طبي رپورٽ

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي تازي ميڊيڪل رپورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن موجب ڊاڪٽرن کيس سفر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ ڊائريڪٽر انٽرنيشنل ڪارڊيالوجي ڊاڪٽر فياض سيال تيار ڪئي آهي ۽ امجد پرويز ايڊووڪيٽ ذريعي عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نوازشريف اينجيو گرافي ڪرائڻ کانسواءِ لنڊن مان نه وڃي هو علاج کانسواءِ پاڪستان ويو ته سندس حالت خراب ٿي سگهي ٿي

ميڊيڪل رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نواز شريف پنهنجي دوا جاري رکي ۽ کليل هوا ۾ سير ڪري ۽ واڪ دوران به ڪورونا کان بچاءُ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ عوامي هنڌن جهڙوڪ ايئرپورٽس کان پاسو ڪيو وڃي. رپورٽ موجب ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي کانپوءِ نواز شريف وڌيڪ دٻاءُ ۾ آهي، ۽ ذهني دٻاءُ سان نواز شريف جي بيماري وڌيڪ بگڙجي سگهي ٿي

رپورٽ موجب نوازشريف کي ڪورونا سبب ساهه جي تڪليف ٿي سگهي ٿي، هو دل جو مريض آهي ۽ ڪورونا وبا سبب سندس جان به ضايع ٿي سگهي ٿي، ان ڪري جيستائين نواز شريف جي ڪورونري انجيوگرافي نه ٿي ٿئي، تيستائين کيس صحت مرڪز ۾ رهڻو پوندو. رپورٽ ۾ ڊاڪٽر لکيو آهي ته کيس تازو ٻڌايو ويو هو ته جڏهن کان نواز شريف پنهنجي ذيابيطس کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ايمپيگليفلوزين 10 ملي گرام روزانو وٺڻ شروع ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ گردن جو ڪم خراب ٿي ويو هو، ان لاءِ پهريان سندس اينجيو گرافي جي ضرورت آهي