نواز شريف جا گرفتاري وارنٽ معطل، گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

0
202

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جا گرفتاري وارنٽ معطل، احتساب عدالت توشا خانه ڪيس ۾ ن ليگ سربراهه جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

 نواز شريف کي گرفتار نه ڪرڻ جو  حڪم، اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير  نواز شريف جي توشا خانه ڪيس  ۾ وارنٽ معطليءَ بابت درخواست تي ٻڌڻي هلائي،  نواز شريف جو وڪيل قاضي مصباح ۽ نيب پراسيڪيوٽرز عدالت ۾ پيش ٿيا

 وڪيل قاضي مصباح  چيو ته نواز شريف جي گرفتاري وارنٽ معطلي بابت گذريل ڏينهن درخواست داخل ڪرائي هئي، نواز شريف عدالت ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو ۽ 21 آڪٽوبر تي پاڪستان اچي رهيو آهي، ان ڪري گرفتاري وارنٽ معطل  ڪيا وڃن

 جج محمد بشير چيو ته نواز شريف خلاف توشا خانه ڪيس  نيب ڪورٽ 3 جو معاملو آهي، ان تي وڪيل ٻڌيو ته 24 آڪٽوبر تي اوهان جي عدالت ۾ ٻڌڻي مقرر آهي، نواز شريف پيش ٿيڻ چاهي ٿو،نواز شريف جي وڪيل جي موقف تي جج محمد بشير اڳوڻي وزيراعظم  جي ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو

 نيب پراسيڪيوٽر  چيو ته نواز شريف  ٻه رليف گهريا آهن، هو چئي رهيو آهي ته عدالت آڏو سزينڊر ڪندس، نواز شريف اچڻ چاهي ٿو ته  وارنٽ 24 آڪٽوبر تائين معطل ڪيا وڃن

 عدالت فيصلو ٻڌائيندي نواز شريف جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا، عدالت چيو ته  جيڪڏهن نواز شريف 24 آڪٽوبر تي پيش نه ٿيو ته  وارنٽ بحال ڪيا ويندا

عدالت نواز شريف کي ڏيهه واپسي تي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو، نواز شريف کي واپس اچڻ بعد ايئرپورٽ تان گرفتار نه ڪرڻ جو  حڪم ڏنو ويو آهي

نواز شريف کي احتساب عدالت کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان به وڏو رليف ملي ويو

توشہ خانہ کیس میں نواز شریف کے وارنٹ معطل، العزیزیہ اور ایون فیلڈ میں بھی گرفتار نہ کرنے کا حکم

جڏهن ته نواز شريف کي احتساب عدالت کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان به وڏو رليف ملي ويو، اسلام آبادهاءِ ڪورٽ نواز شريف کي 24 آڪٽوبر تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو،العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف  جي حفاظتي ضمانت  جي درخواستن تي ٻڌڻي

 چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس گل حسن اورنگزيب درخواستن تي ٻڌڻي هلائي، نواز شريف جا وڪيل امجد پرويز ۽ اعظم نذير تارڙ پيش، نيب پراسيڪيوٽر رافع مقصود ۽ افضل قريشيءَ دليل ڏنا

 اعظم نذير تارڙ چيو ته نواز شريف ٽرائل ڪورٽ ۾ اشتهاري هو، ان ۾ وارنٽ معطل ٿي ويا آهن، جنهن تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته اوهان وٽ اهو آرڊر آهي؟، اعظم نذير تارڙ ٻڌايو ته آرڊر ٿي ويو آهي، وڪيل احتساب عدالت  ۾ موجود آهن

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت جي حڪم کي نظر ۾ رکندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، 24 آڪٽوبر تائين نواز شريف جي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وئي آهي