نواب ولي محمد (ن پ ا) نواب ولي محمد ڀرسان ڳوٺ باغ سنگراھ ۾ بجلي جي تار مان خادم سنگراھ جي ڪمند جي فصل کي باھ لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند سڙي ويو، اطلاع تي سوين ڳوٺاڻن پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آندو.