نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه جي علائقي بڇيري روڊ ناڪي وٽ پوليس جي ڇاپو هڻي مھراڻ ڪار مان 4 مڻ 30 ڪلو  چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان حوالي سان ڊي ايس پي سٽي سلطان چانڊيو  اي سيڪشن ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته اسان کي اطلاع ھو ته ھڪ مھراڻ ڪار منشيات کڻي نواب شھر اچي رھي آھي، جنھن بعد بڇيري روڊ تي ناڪا بندي ڪري ڪار کي روڪيو، جنھن مان 4 مڻ 30 ڪلو چرس برآمد ڪيو ۽ جوابدار جاويد مگڻھار، گل حسن سمون  ۽ احمد مگسي کي گرفتار ڪري انھن تي ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي آهي، پوليس موجب ه جوابدار مختلف شھرن ۾ منشيات جو ڪاروبار ڪندا آهن.