نوابشاهه (بيورو رپورٽ) ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ۽  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي آجياڻي  واري ڪيمپ تي جھيڙي، فائرنگ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ واري معاملي جو ٻنهي ڌرين سرچاءُ ٿي ويو. ان ڏس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي آرگنائيزر  عبدالفتاح سميجو، لطيف سميجو ۽ اطھر  شاهه پيپلز سيڪريٽريٽ نوابشاهه پھچي پ پ ضلعي شھيد بينظير آباد جي صدر  علي اڪبر جمالي، غلام شاھ، عاطف زيدي، حاجي علي نواز چانڊيو،  مينھان خان رند سان ملاقات ڪئي ۽ معاملي تي سرچاءُ ڪري ڇڏيو. عبدالفتاح  سميجو پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته مون سان پ پ اڳواڻ ضياءُ الحسن النجار ۽ مينھان خان رند رابطو ڪيو ته معاملي کي اڳتي نه وڌايو ۽ چانھه جي دعوت ڏني، جنهن بعد چانھه پيئڻ وياسين، هن چيو ته اهڙن افواهن ۾ ڪا به سچائي ناهي ته پ پ وارن کان معافي ورتي آهي، هن چيو ته ملاات م طئي ڪيو ويو ته ڪنهن به پارٽي جو ڪارڪن ڪنھن جي به قيادت خلاف نه ڳالھائيندو، پ پ اڳواڻ مينھان خان رند جو چوڻ هو ته اسان طرفان ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن سان ڪو به رابطو نه ڪيو ويو هو، عبدالفتاح سميجو ۽ ٻين مون سان رابطو ڪيو ۽ ھو اسان وٽ ھلي آيا، جنهن کانپوءِ پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي وياسين ڪو به ڪارڪن ڪنھن جي قيادت خلاف نه ڳالھائيندو.